وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سنڌ جي گورنر جي ملاقات

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ماحولياتي صورتحال، ماحوليات جي تحفظ، وڻڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان مطابق سنڌ جي …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي ماحولياتي صورتحال، ماحوليات جي تحفظ، وڻڪاري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت مان جاري بيان مطابق سنڌ جي گورنر ماحول جي تحفظ لاءِ وفاقي وزير جي قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ سنڌ ۾ اربن فاريسٽ گرين انيشي ايٽو پروگرام شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزير، يوم آزادي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. ٻنهي اڳواڻن، ريلوي واري وزير جي مشاورت سان سنڌ ۾ ريلوي لائنن جي ٻنهي پاسي اربن فاريسٽ قائم ڪرڻ جي تجويز تي  به اتفاق ڪيو ته جئين ماحولياتي بهتري ۽ سرسبز پاڪستان جي ويزن کي هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر، وفاقي وزير کي گورنر هائوس ڪراچي جي دوري جي دعوت ڏني ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ماحولياتي آگاهي جي موضوع تي خطاب جي به درخواست ڪئي، جنهن کي وفاقي وزير قبول ڪري ورتي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سياسي هم آهنگي، قومي استحڪام ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ سياسي انتشار جو متحمل نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير، سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي جي سياسي جدوجهد ۽ قومي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان اسان جا هيرو آهيو. 

مزید خبریں