نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو جتي هو 5 آگسٽ تي منعقد ٿيندڙ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق جي لاءِ …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو جتي هو 5 آگسٽ تي منعقد ٿيندڙ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فلسطيني عوام ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو. ان موقعي تي سينيٽر محمد اسحاق ڊار جون اجلاس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن کانسواءِ خطي ۽ دنيا جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

مزید خبریں