اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 5 آگسٽ تي اردن ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اڄ رات اردن جو دورو ڪندو. ان دوري جي دعوت اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن بابت وزير ايمن الصفدي پاران ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 5 آگسٽ تي اردن ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 5 آگسٽ تي اردن ۾ يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اڄ رات اردن جو دورو ڪندو. ان دوري جي دعوت اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن بابت وزير ايمن الصفدي پاران ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان اجلاس ۾ عرب ليگ جي ميمبر ملڪن ۽ پاڪستان سميت اسلامي ملڪن جا پرڏيهي وزير شريڪ ٿيندا. اجلاس جو مقصد والاريل يروشلم جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪرڻ آهي. دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شريڪ پرڏيهي وزيرن، اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه بن الحسين سان پڻ ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان موقعي تي شريڪ ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن ۾ فلسطين سميت خطي جي تازي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. يروشلم بابت وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت، فلسطيني عوام سان پاڪستان جي اصولي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو اظهار آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











