اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي تاريخي ڀائراڻن ناتن کي مضبوط معاشي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ايران جي صنعت ۽ واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد اتابڪ سان 10هين پاڪستان …
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائينداسين: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي تاريخي ڀائراڻن ناتن کي مضبوط معاشي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن مقامي هوٽل ۾ ايران جي صنعت ۽ واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد اتابڪ سان 10هين پاڪستان ايران جوائنٽ ٽريڊ ڪميشن جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪ ايران فري ٽريڊ ايگريمينٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بارڊر ٽريڊ ۾ به اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته سرحدي لاجسٽڪس، ڪسٽمز ۽ ڪارگو چُرپر ۾ موجوده رڪاوٽن جو خاتمو اڻٽر آهي، گڏيل سرحدي مارڪيٽن جي قيام ۽ اليڪٽرانڪ ڊيٽا انٽرچينج سان ٻه طرفي واپار ۾ نمايان واڌ ٿيندي. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن جو نجي شعبو واپار لاءِ تيار آهي، حڪومتن جي ذميداري سازگار ۽ اعتماد جوڳو ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته 10هون جي ٽي سي اجلاس عمل جوڳو روڊ ميپ جوڙي اقتصادي تعاون کي نين بلندين تائين وٺي ويندو. ڄام ڪمال خان چيو ته واپاري سرگرمين لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي نجي ادارن جي حوصله افزائي ڪئي پئي وڃي، پاڪ- ايران واپار ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. فورم کي خطاب ۾ ايران جي واپار واري وزير چيو ته واپار لاءِ گڏيل رستن جي ضرورت آهي، اسان پنهنجي پاڙيسرين سان سُٺا ناتا خاص ڪري پاڪستان سان ٻه طرفي واپاري ناتن کي هاڪاري انداز سان اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ٻه طرفي واپار کي نين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ پُرعزم آهيون، واپار ۽ معيشت جي بهتريءَ لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. ايراني وزير چيو ته اسان واپار جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، پاڪستان سان ڊگهي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي دوستيءَ کي پائيدار معاشي ڀائيواري ۾ بدلائڻ آهي. ڊاڪٽر محمد اتابڪ ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن ذريعن علائقائي واپار ۽ لاجسٽڪ سهڪار وڌائڻ جي خاوهش جو پڻ اظهار ڪيو. ايراني وزير پاڪ – ايران فري ٽريڊ ايگريمينٽ جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي. ڊاڪٽر محمد اتابڪ بجلي جي واپار ۽ علائقائي رابطن کي ٻنهي ملڪن لاءِ نوان معاشي موقعا قرار ڏنو.











