اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وطن لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف پوليس فورس جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪي پي ڪي، بلوچستان …
دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف پوليس فورس جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني وطن لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف پوليس فورس جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سڄي ملڪ جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي لازوال قربانين کي قوم هميشه ياد رکندي. پوليس جي شهيدن جي وارثن جي استقامت ۽ قربانيون قومي سرمايو آهن، ساڻن مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته مضبوط، جديد ۽ باصلاحيت پوليس فورس ئي امن، انصاف ۽ قانون جي اثرائتي عملداري جي ضمانت آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانيون کي ڪڏهن به نه وِساريندي ۽ سندن مشن جي تڪميل لاءِ متحد رهندي.











