دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ پوليس جو ڪردار تعريف جوڳو آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ پوليس جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، شهيدن جي ڪٽنبن جي ڀلائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اڱاري ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي هن شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن وطنِ عزيز جي خاطر پنهنجين …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ پوليس جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، شهيدن جي ڪٽنبن جي ڀلائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اڱاري ڏينهن پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي تي هن شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن وطنِ عزيز جي خاطر پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪيو، دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف جنگ ۾ پوليس جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. پوليس جي جانبازن هميشه پهرين جٿي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي بي لوث قربانين سان شهرين جو جان ۽ مال محفوظ ٿيو، پوري قوم پنهنجي غيرتمند پُٽن ۽ نياڻين کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيدن جي وارثن جي فلاح ۽ بهبود حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته پوليس فورس کي جديد وسيلن ۽ بهترين پيشيوراڻي تربيت سان ليس ڪنداسين، اچو گڏجي هڪ پُرامن، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جو عزم ڪريون.

مزید خبریں