پ پ جي مضبوط تڪن ۾ چونڊ عمل کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان مظفر آباد جي تڪ ايل اي 27 ۽ يونين ڪائونسل ڀيري ۾ مبينه چونڊ بي ضابطگين تي سخت ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پ پ جي مضبوط تڪن ۾ (ن) ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊ عمل کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پ پ آزاد ڪشمير جي ميڊيا سيل طرفان …

اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان مظفر آباد جي تڪ ايل اي 27 ۽ يونين ڪائونسل ڀيري ۾ مبينه چونڊ بي ضابطگين تي سخت ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پ پ جي مضبوط تڪن ۾ (ن) ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊ عمل کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پ پ آزاد ڪشمير جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب شيري رحمان چيو ته مظفر آباد جي تڪ ايل اي 27 ۾ سرڪاري چونڊ عملي جي نجي گهر ۾ موجودگيءَ جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ جوڳا آهن. (ن) ليگ طرفان ڌانڌلي بابت وڊيوز شاهديءَ طور اليڪشن عملدارن حوالي ڪري ڇڏيون آهن، اليڪشن ڪميشن فوري انتظامي ۽ قانوني ڪارروائي ڪري چونڊ عمل جو اعتماد بحال ڪري. سندس چوڻ هو ته واضح شاهديون سامهون اچڻ باوجود لاڳاپيل پوليس عملي کي ٻيهر چونڊ ڊيوٽي انجام ڏيڻ سواليه نشان آهي، اهي واقعا چونڊ شفافيت، غير جانبداري ۽ ادارن جي ساک تي سنگين سوال اُٿاري رهيا آهن. شيري رحمان چيو ته آزاد ڪشمير جو چيف اليڪشن ڪمشنر فوري نوٽيس وٺي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ يقيني بڻائي، چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيندڙ سمورين ڌُرين کي قانون موجب جوابده بڻايو وڃي.

مزید خبریں