سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو اهم اجلاس منعقد

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيشل ريڪوگنيشن اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن سسٽم جي شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو تعليمي شعبي ۾ شفافيت، احتساب ۽ نگراني کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل گورننس جو هڪ تاريخي قدم آهي. هي نظام 17 آگسٽ 2026ع کان صوبي جي ڇهن ضلعن ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ مرحليوار طريقي سان باقي ضلعن تائين وڌايو ويندو. …

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فيشل ريڪوگنيشن اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن سسٽم جي شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جيڪو تعليمي شعبي ۾ شفافيت، احتساب ۽ نگراني کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل گورننس جو هڪ تاريخي قدم آهي. هي نظام 17 آگسٽ 2026ع کان صوبي جي ڇهن ضلعن ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ مرحليوار طريقي سان باقي ضلعن تائين وڌايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فريمز جي پهرين مرحلي ۾ 6 ضلعا شامل هوندا، جن ۾ سنڌ جي هر ڊويزن مان هڪ ضلعو چونڊيو ويو آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته چونڊيل ضلعن جي سموري تدريسي ۽ غير تدريسي عملي کي اڳي ئي سسٽم ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ عملدرآمد لاءِ ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فريمز چهرن جي سڃاڻپ تي ٻڌل هڪ حاضري ۽ نگراني وارو نظام آهي، جيڪو عملي جي حاضري جي حقيقي وقت ۾ تصديق ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هي ايپليڪيشن آن لائن ۽ آف لائن ٻنهي طريقن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن محدود انٽرنيٽ ڪنيڪشن وارن علائقن ۾ به بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪم کي يقيني بڻائي سگهجي. اسڪولن جي جيو – ٽيگنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سسٽم استادن ۽ ٻئي عملي جي اچڻ ۽ وڃڻ جو وقت رڪارڊ ڪندو، جنهن سان صحيح ۽ تبديليءَ کان پاڪ حاضري جو رڪارڊ تيار ٿيندو. وڏي وزير ان قدم کي تعليمي گورننس ۾ هڪ وڏي سڌاري طور بيان ڪيو ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته ان جي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائڻ ۾ استادن جي حاضري هڪ اهم ترين عنصر آهي ۽ سڄي اسڪول سسٽم ۾ احتساب کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو هر ٻار کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي، ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته استاد ۽ اسڪول جو عملو موجود رهي ۽ پنهنجا فرض اثرائتي نموني سرانجام ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي حاضري جي نگراني ڪرڻ، نگراني (اوورسائيٽ) کي بهتر بڻائڻ ۽ بهتر فيصلا سازي ۾ مدد لاءِ هڪ شفاف ۽ اعتماد جوڳو طريقو فراهم ڪندو. وڏي وزير سيڪريٽري ايجوڪيشن زاهد عباسي کي هدايت ڪئي ته هو شروعات دوران هڪ مضبوط سپورٽ ۽ مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪري ۽ يقيني بڻائي ته اسڪولن جي انتظاميا کي هر قسم جي ضروري فني مدد ملي. هن اها به هدايت ڪئي ته 6 ضلعن ۾ عملدرآمد جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي ته جيئن سڄي صوبي ۾ ان کي وڌائڻ کان اڳ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. وڏي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو قدم سنڌ حڪومت جي ان وسيع ايجنڊا جو حصو آهي جنهن تحت گورننس ۽ پبلڪ سروس ڊليوري کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو هي رڳو حاضري جي ڪا ايپليڪيشن ناهي پر هي هڪ اهم گورننس سڌارو آهي، جيڪو نگراني کي مضبوط ڪندو، اداري جي نظم و ضبط کي بهتر بڻائيندو ۽ تعليمي شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي کي وڌائيندو. تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته فريمز جو متعارف ڪرائڻ سنڌ جي جاري تعليمي سڌارن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته اسڪول ايجوڪيشن کاتو ڪارڪردگي، شفافيت ۽ احتساب کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل تيزيءَ سان اختيار ڪري رهيو آهي. هن چيو تعليمي انتظاميا جو مستقبل ڊيٽا تي ٻڌل گورننس ۾ آهي. فريمز صحيح ۽ حقيقي وقت جي ڄاڻ فراهم ڪندو جيڪا انتظاميا کي بهتر فيصلا ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ ۽ اسڪولن ۾ بهتر سروس ڊليوري کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته لائونچ کان اڳ وڏي پيماني تي بنيادي ڪم مڪمل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عملي جي رجسٽريشن، اسڪولن جي جيو – ٽيگنگ ۽ سسٽم جي ٽيسٽنگ شامل آهن. کاتو 17 آگسٽ تي عملدرآمد شروع ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اجلاس ۾ پهرين مرحلي جي عملدرآمد لاءِ فيلڊ جي تياري، فني انتظامن، لڳائڻ جي ٽائم لائنز ۽ سپورٽ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته جڏهن هي نظام 6 چونڊيل ضلعن ۾ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪندو ته ان کي مرحليوار سنڌ جي سمورن ضلعن تائين وڌايو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير جديد ڊجيٽل حلن ذريعي تعليمي شعبي کي جديد بڻائڻ جي سنڌ حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته فريمز استادن جي حاضري کي بهتر بڻائڻ، نگراني ۽ جائزي جي طريقيڪار کي مضبوط ڪرڻ، ۽ سڄي صوبي جي ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف، ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايويلوئيشن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

مزید خبریں