سنڌ پوليس جا شھيد اسان جو قومي سرمايو ۽ قوم جي محفوظ مستقبل جا حقيقي معمار آھن: گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس جي شھيدن جي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ سنڌ پوليس جي سمورن شھيدن کي خراج پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شھيد اسان جو قومي سرمايو ۽ قوم جي محفوظ مستقبل جا حقيقي معمار آھن، جن پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو قسم …

ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پوليس جي شھيدن جي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ سنڌ پوليس جي سمورن شھيدن کي خراج پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شھيد اسان جو قومي سرمايو ۽ قوم جي محفوظ مستقبل جا حقيقي معمار آھن، جن پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جو قسم پورو ڪيو. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس جي جوانن دهشتگردي، ڏوهن ۽ بدامني خلاف رياست ۽ عوام جو بچاءُ ڪيو. انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ بي مثال قربانيون سموري قوم لاءِ فخر جو سبب آھن. شھيدن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن ۽ پوري قوم پنهنجن بهادر شھيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. ضياء الحسن لنجار چيو ته شھيد جي رت جو قرض ڪنهن به مراعات سان ادا نه ٿو ڪري سگهجي، پر سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري کان چڱي طرح واقف آھي. پوليس شھيدن جي خاندانن جي ڪفالت، فلاح ۽ بهبود ۽ انهن جي مسئلن جو فوري حل سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آھي. حڪومت شھيدن جي وارثن لاءِ مالي مدد، ٻارن جي تعليم، علاج ۽ ٻين فلاحي قدمن کي خاص ترجيح ڏني آهي جڏهن ته موجود مراعات ۽ فلاحي پيڪيج کي وڌيڪ اثرائتو ۽ نتيجو ڏيندڙ بڻائڻ لاءِ پڻ قدم جاري آهن. هن چيو ته جيڪو خاندان پنهنجي پياري کي قوم جي امن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ قربان ڪري ٿو، رياست ان خاندان جي ذميواري کان پوئتي نه ٿي هٽي سگهي. سنڌ حڪومت شھيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. ضياء الحسن لنجار چيو ته پوليس جي شھيدن جي وارثن جو حوصلو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي شھيدن جون قربانيون ان عزم جي علامت آهن ته ڏوهاري عناصن خلاف رياست جي رٽ هر صورت ۾ برقرار رکي ويندي. پوليس شھيدن جي رت سان روشن ٿيندڙ امن جي ڏيئي کي وسامڻ نه ڏينداسين ۽ ڏوهن خلاف جنگ پوري طاقت، عزم ۽ ثابت قدمي سان جاري رھندي. هن چيو ته شھيد اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن. انهن جون قربانيون ايندڙ نسلن کي فرض شناسي، بهادري، وطن سان وفاداري ۽ عوام جي خدمت جو سبق ڏينديون رھنديون. پوري قوم پنهنجن انهن عظيم محسنن ۽ انهن جي خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں