ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سمر انٽرنشپ 2026ع ۾  شاگردن ۽ شاگردياڻين سان خاص ويهڪ

راولپنڊي- 02 آگسٽ (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ خصوصي ويهڪ دوران قومي سلامتي، دهشٽگردي ۽ سوشل ميڊيا جي ذميداراڻي استعمال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ سڄي ملڪ جي 21 مختلف اسٽيشنز تي 6 هزار کان وڌيڪ شاگرد شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر خصوصي سيشن …

راولپنڊي- 02 آگسٽ (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان هڪ خصوصي ويهڪ دوران قومي سلامتي، دهشٽگردي ۽ سوشل ميڊيا جي ذميداراڻي استعمال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ سڄي ملڪ جي 21 مختلف اسٽيشنز تي 6 هزار کان وڌيڪ شاگرد شرڪت ڪري رهيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر خصوصي سيشن دوران شاگردن جي سوالن جا دليلن سان  تفصيلي جواب ڏنا. آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن، پروپيگنڊه ۽ غير تصديق ٿيل خبرن کان بچاءَ جي جي حوالي سان موثر رهنمائي فراهم ڪئي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي جامع ۽ معلوماتي ڳالهه ٻولهه قومي سلامتي متعلق ڪيترين کي غلط فهمين ۽ مونجهارن کي دور ڪيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته آزاد ڪشمير جي صورتحال، ڀارتي پروپيگنڊه ۽ پاڪستان جي موقف تي تفصيلي بريفنگ زميني حقيقتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏني، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج متعلق ڊي جي آءِ ايس پي آر جي حيققتن تي ٻڌل موقف سمورن مونجهارن کي ختم ڪري ڇڏيو. سمر انٽرنشپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙن درست معلومات کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ دشمن پروپيگنڊه جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.