اسلام آباد - 26 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڪشمير جي وسيلن ۽ ان جي فيصلن تي ڪشميرين جو پورو حق آهي، ڪشميرين کي به اهي حق ملڻ گهرجن، جيڪي پاڪستاني شهرين کي حاصل آهن. ميرپور جي شهرين پاڪستان جا شهر روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهرن ۽ زمينن جي قرباني ڏني. آچر تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري …
ڪشمير جي وسيلن ۽ فيصلن تي ڪشميرين جو پورو حق آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته ڪشمير جي وسيلن ۽ ان جي فيصلن تي ڪشميرين جو پورو حق آهي، ڪشميرين کي به اهي حق ملڻ گهرجن، جيڪي پاڪستاني شهرين کي حاصل آهن. ميرپور جي شهرين پاڪستان جا شهر روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهرن ۽ زمينن جي قرباني ڏني. آچر تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميرپور جي رهواسين منگلا ڊيم جي تعمير لاءِ پنهنجي زمين ۽ پنهنجا گهر قربان ڪيا، انهن قربانين عيوض پاڪستان جا شهر روشن ٿين ٿا، ميرپور جي شهرين پاران پرڏيهه مان موڪليل ناڻي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪيو آهي. پاڪستان کي جڏهن به ضرورت پئي ته ميرپور واسين اڳتي وڌي پنهنجو فرض نڀايو. هن چيو ته هي چمن ميرپور واسين جو به آهي ۽ ان تي سندن پورو حق آهي، ڪشمير جي وسيلن انهن جي مستقبل ۽ انهن جي فيصلن تي ڪشميرين جو پورو حق آهي.










