ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان پنڪ ربن پاڪستان جي وفد مليحه ڀيمجي جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد گورنر کي پنڪ ٽوبر 2026ع بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي وقت سر تشخيص، پنهنجي طور تي سڃاڻپ ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ باقاعده اسڪريننگ جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. …
سنڌ جي گورنر سان پنڪ ربن پاڪستان جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان پنڪ ربن پاڪستان جي وفد مليحه ڀيمجي جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد گورنر کي پنڪ ٽوبر 2026ع بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي وقت سر تشخيص، پنهنجي طور تي سڃاڻپ ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ باقاعده اسڪريننگ جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. گورنر چيو ته پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي ۽ وقت سر تشخيص لاءِ گڏيل قدم اڻٽر آهن. عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي وقت تي تشخيص لاءِ اثرائتي ۽ وڏي پئماني تي آگاهي مهمن کي هٿي وٺائڻي پوندي. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته وقت سر تشخيص سان بريسٽ ڪينسر جي اثرائتي علاج جي امڪانن ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ وارين هاڪاري سرگرمين کي ڀرپور همٿايو ويندو. مليحه ڀيمجي ٻڌايو ته پنڪ ربن پاڪستان گذريل 23 سالن کان بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي ۽ مريضن جي مدد لاءِ سرگرم عمل آهي. وفد گورنر کي پنڪ ٽوبر مهم لاءِ سهڪار ۽ سرپرستي جي درخواست ڪئي، جنهن تي گورنر هر ممڪن سهڪار ۽ سرپرستي جي خاطري ڪرائي.











