بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي سالياني بئچ 10 سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙن جي ڇهه ماهي هائوس جاب جي ٻئي ٽرم لاءِ اميدوارن کان درخواستون طلب

لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس پڌرو ڪيو آهي ته بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي سالياني بئچ 10 سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙن جي ڇهه ماهي هائوس جاب جي ٻئي ٽرم لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون آهن. درخواست فارم 15 سيپٽمبر کان جاري ڪيا ويندا، جن جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 22 سيپٽمبر هوندي، جڏهن ته اميدوارن جا انٽرويو …

لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻي جي ايم ايس پڌرو ڪيو آهي ته بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻي جي سالياني بئچ 10 سيشن 27-2026ع مان گريجوئيشن ڪندڙن جي ڇهه ماهي هائوس جاب جي ٻئي ٽرم لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون آهن. درخواست فارم 15 سيپٽمبر کان جاري ڪيا ويندا، جن جي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 22 سيپٽمبر هوندي، جڏهن ته اميدوارن جا انٽرويو 25 سيپٽمبر تي ٿيندا، هائوس جاب پهرين آڪٽوبر 2026ع کان شروع ٿيندي. خواهشمند اميدوارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي ايڊمنسٽريشن بلاڪ جي هائوس جاب سيڪشن مان فارم وٺي مٿي ڄاڻايل تاريخ تائين جمع ڪرائي انٽرويو ۾ شرڪت ڪن، جيڪي بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال آفيس ۾ ٿيندا. انٽرويو ۾ شرڪت نه ڪندڙن کي هائوس جاب لاءِ سليڪٽ نه ڪيو ويندو ۽ ان جا ذميوار هو پاڻ هوندا، کين ڪو ڌار ليٽر جاري نه ڪيو ويندو، نه ئي ٽي اي ڊي اي ڏنو ويندو.

مزید خبریں