اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوگنڊا جي اسپيڪر جيڪب مارڪسنز اوبوٿ سان ملاقات ڪئي جيڪو ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ جاري 69 هين دولت مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ، يوگنڊا سان پارلياماني رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ يوگنڊا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي يوگنڊا جي اسپيڪر سان ملاقات، موسمياتي تبديلي، پارلياماني شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد-15سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوگنڊا جي اسپيڪر جيڪب مارڪسنز اوبوٿ سان ملاقات ڪئي جيڪو ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ جاري 69 هين دولت مشترڪه پارلياماني ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ، يوگنڊا سان پارلياماني رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ يوگنڊا جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪ يوگنڊا پارلياماني فرينڊشپ گروپ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ يوگنڊا وچ ۾ اعليٰ تعليم، زراعت ۽ غذائي تحفظ ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن موسمياتي تبديلي ۽ پارلياماني شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جو حامي آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر يوگنڊا کي (سي پي اي) عورت پارليامينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. يوگنڊا جي اسپيڪر جيڪب مارڪسنز اوبوٿ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي يوگنڊا بابت تاثرن کي ساراهيندي چيو ته يوگنڊا پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. يوگنڊا جي اسپيڪر عالمي امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.








