لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو طرفان ضلعي لاڙڪاڻي جي ٽُڪن جي پروگرام (اي پي آءِ) ۾ ڪم ڪندڙ 14 ويڪسينيٽرن ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري، جنهن جو خاص مهمان چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري هو. ان موقعي تي خاص مهمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عام ماڻهن کي صحت جون سهولتون سندن درن تائين پهچائڻ جو …
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو طرفان ضلعي اندر ٽُڪن جي پروگرام ۾ ڪم ڪندڙ 14 ويڪسينيٽرن ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ واري تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو طرفان ضلعي لاڙڪاڻي جي ٽُڪن جي پروگرام (اي پي آءِ) ۾ ڪم ڪندڙ 14 ويڪسينيٽرن ۾ موٽرسائيڪلون ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري، جنهن جو خاص مهمان چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري هو. ان موقعي تي خاص مهمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عام ماڻهن کي صحت جون سهولتون سندن درن تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي. هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شهر ۾ اسپتالن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي، ان سان معياري صحت جي سهولتنن ۽ ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي. صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي ته جيئن ٻارڙن، عورتن ۽ وڏن ماڻهن کي صحت جون سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته ٻارڙن کي موذي مرضن کان بچائڻ لاءِ ٽُڪن جي پروگرام ۾ پوئتي پيل ۽ ٻهراڙي ۾ ڪم ڪندڙ ويڪسينيٽرن کي موٽرسائيڪلون ڏئي انهن جي ڪم ۾ آساني ۽ بهتري آندي وئي آهي ته جيئن سنڌ ۾ ڪو به ٻارن حفاظتي ٽُڪا لڳڻ کان محروم نه رهي ۽ معذور ٿيڻ کان بچي وڃي. ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او آفيس ۾ ٻهراڙي ۾ ڪم ڪندڙ 14 ويڪسينٽرن کي موٽر سائيڪلون ڏئي رهيا آهيون. ان موقعي تي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرس ۽ ويڪسينٽرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل اسدلله ڀٽو، انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو، ڊاڪٽر ياسمين خالق شيخ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊويزن، ڊاڪٽرس، هيلٿ ورڪرس ۽ ويڪسينيٽرس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











