سيڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن. بلوچستان ۾ ڪلي ڪند عمراڻي، خڏڪوچه، مستونگ سميت مختلف علائقن ۾ فتنه الهندستان کي وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق آپريشن العزم ۾ دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ رهائشگاهن کي تباهه ڪري هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو، بلوچستان ۾ جاري …

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جون انٽيليجنس بيسڊ آپريشن العزم تحت بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتيون ڪارروائيون جاري آهن. بلوچستان ۾ ڪلي ڪند عمراڻي، خڏڪوچه، مستونگ سميت مختلف علائقن ۾ فتنه الهندستان کي وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق آپريشن العزم ۾ دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ رهائشگاهن کي تباهه ڪري هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو، بلوچستان ۾ جاري آپريشن العزم ۾ هاڻي تائين فتنه الهندستان جا 16 دهشتگرد مارجي چڪا آهن، بلوچستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام تائين سيڪيورٽي فوسز جون ڪارروائيون مسلسل جاري رهنديون.