افغان طالبان رجيم ۾ انساني حقن جي بدترين پامالين تي عالمي آواز تيز ٿيڻ لڳا

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۾ انساني حقن جي بدترين پامالين تي عالمي آواز تيز ٿي ويا، علائقائي امن کي داءُ تي لڳائيندڙ طالبان رجيم جي خراب پاليسين افغان عوام جي مستقبل کي به اونداهو بڻائي ڇڏيو آهي. غير قانوني طور طالبان جي اقتدار جي 5 سال کانپوءِ به افغانستان سنگين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق طالبان رجيم افغان عورتن …

اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۾ انساني حقن جي بدترين پامالين تي عالمي آواز تيز ٿي ويا، علائقائي امن کي داءُ تي لڳائيندڙ طالبان رجيم جي خراب پاليسين افغان عوام جي مستقبل کي به اونداهو بڻائي ڇڏيو آهي. غير قانوني طور طالبان جي اقتدار جي 5 سال کانپوءِ به افغانستان سنگين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق طالبان رجيم افغان عورتن جي تعليم، چرپر ۽ آزادي محدود ڪري ڇڏي آهي، افغان طالبان رجيم ۾ بُک جو بحران لکين افغانين کي متاثر ڪري رهيو آهي. رپورٽ مطابق افغان عوام کي طبي سهولتن جي کوٽ سبب شديد ڏکيائيون درپيش آهن. افغان طالبان رجيم خلاف وڌندڙ عالمي آوازن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا هاڻي ان شرپسند ٽولي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.