اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا ۾ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ملاقات
اسلام آباد- 25 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي شهر چولپون-آتا ۾ ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي مطابق، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن، توانائي، ثقافت ۽ عوامي سطح جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. انهن اعليٰ سطحي رابطن کي تسلسل سان جاري رکڻ ۽ ٻنهي مُلڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيئي سگهجي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون جي مختلف رخن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن هن سال جي شروعات ۾ ازبڪ صدر شوڪت مرزايوف جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان دوري دوران طئه ٿيل مفاهمت جي يادداشتن تي بروقت عملدرآمد ذريعي عملي نتيجن ۾ تبديل ڪيو وڃي. ڌُرين علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن خاص طور تي اسلام آباد مفاهمتي ياداشت کي ممڪن بڻائڻ ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري وسيلي پائيدار امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ راهه هموار ٿيندي. انهن گڏيل رابطا مسلسل برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











