اسلام آباد - 25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي سائنسي ۽ فني تعاون بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) جي سهڪار سان جرنل آف سائنس ڪميونيڪيشن اينڊ ڊپلوميسي جي سال 2026ع جي پهرين شماري جي رونمائي واري تقريب پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ ٿي. رسالي جي ڪاميابي ڇپائي جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻي سالگره جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. تقريب جي …
عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سائنس ڊپلوميسي اڻٽر آهي: آمنه بلوچ
اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي سائنسي ۽ فني تعاون بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) جي سهڪار سان جرنل آف سائنس ڪميونيڪيشن اينڊ ڊپلوميسي جي سال 2026ع جي پهرين شماري جي رونمائي واري تقريب پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ ٿي. رسالي جي ڪاميابي ڇپائي جا 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻي سالگره جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. تقريب جي خاص مهمان پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفير آمنه بلوچ هئي جڏهن ته مصر، شام، لبنان، تاجڪستان ۽ ماريشس جي سفيرن، اردن ۽ آذربائيجانج ي سفارتڪارن، ناليواري سائنسدانن، تعليمي ماهرن، ۽ بورڊ جي ميمبرن، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز، ايڪو سائنس فائونڊيشن ۽ ٻين قومي ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده دور ۾ سائنس ڊپلوميسي عالمي مسئلن جي حل، پائيدار ترقي ۽ عالمي تعاون کي هٿي وٺائڻ جو موثر ذريعو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته 57 ميمبر ملڪن تي ٻڌل او آءِ سي سائنسي ۽ افرادي صلاحيتن سان مالا مال آهي، جن کي تعليمي ادارن، تحقيقي ادارن، حڪومتن ۽ صنعتن وچ ۾ مضبوط تعاون ذريعي ڪتب آڻي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته جرنل آف سائنس ڪميونيڪيشن اينڊ ڊپلوميسي، سفارتڪارن، سائنسدانن، تعليمي ماهرن ۽ پاليسي سازن وچ ۾ ڳالهين، شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي، سائنس ۽ پرڏيهي پاليسي جي گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده عالمي چئلينجز اجتماعي قدمن جا گهرجائو آهن ۽ سائنس ڊپلوميسي سائنس ۽ پرڏيهي پاليسي وچ ۾ موثر رابطن جو اهم ذريعو بڻجي چڪو آهي. هن او آءِ سي ملڪن وچ ۾ سائنسي تعاون وڌائڻ ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي عالمي نظام ۾ اسرندڙ ملڪن جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. هن رسالي جي ڇپائي ۾ پرڏيهي آفيس، ڪامسٽيڪ جي گڏيل تعاون کي ساراهيو، رسالي جي 2026ع جي پهرين شماري ۾ 11 تحقيقي ۽ تجرباتي مضمون شامل آهن جن ۾ پرڏيهي آفيس جي سفارتڪارن جون لکڻيون ۽ 7 مضمون پڻ شامل آهن، جيڪي سائنس، ڊپلوميسي ۽ عالمي سائنسي تعاون ۾ پاڪستان جي وڌندر ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿا. هي رسالو سفارتڪارن، سائنسدانن، محققن ۽پاليسي ماهرن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي لاڳاپن جي گڏيل رابطن تي علمي خيالن جي مٽاسٽا ۽ عالمي سائنسي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو.











