وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٽانڪ ضلعي ۾ جوائنٽ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي مذمت

اسلام آباد - 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ جوائنٽ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ جوائنٽ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي کي ناڪام بڻائيندي 12 خارجين کي جهنم ڀيڙو …

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ جوائنٽ پوليس چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ضلعي ۾ جوائنٽ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي کي ناڪام بڻائيندي 12 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر، جرئتمنداڻي ۽ پيشيواراڻي ڪارروائي کي ساراهيو. وزيراعظم واقعي ۾ پاڪ فوج جي 12 جوانن، 2 پوليس اهلڪارن ۽ ٻيلي کاتي جي هڪ سرڪاري اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن سمورن شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ سوڳوار خاندانن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرزمين تان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ کانسواءِ اسان سُک سان نه ويهنداسين، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ کي ان فتني کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رکندا.

مزید خبریں