استنبول - 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ غير معمولي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ سيڙپڪاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، کاڻين ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر، ميري ٽائيم ۽ لاجسٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، مينيوفيڪچرنگ، زراعت ۽ نجڪاري سميت مختلف ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو دائري ڪار وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم …
وزيراعظم شهباز شريف جون استنبول ۾ ترڪيه جي اهم ڪاروباري گروپن ۽ صنعتي تنظيمن جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتون
استنبول – 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ غير معمولي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ سيڙپڪاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، کاڻين ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر، ميري ٽائيم ۽ لاجسٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، مينيوفيڪچرنگ، زراعت ۽ نجڪاري سميت مختلف ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو دائري ڪار وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇنڇر تي استنبول ۾ ترڪيه جي مڪ ڪاروباري گروپن ۽ صنعتي تنظيمن جي اعليٰ عهديدارن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جن ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بنائڻ ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ ترڪيه جي موڌيڪ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم سان چالڪ هولڊنگ جي چيئرمين احمد چالڪ، البيرڪ گروپ جي بورڊ آَ ڊائريڪٽرز جي چيئرمين احمد البيرڪ ۽يونين آف دي چيمبر اينڊ ڪموڊيٽي ايڪسچينجز آف ترڪيه جي صدر رفعت حصار سيڪيعلو ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي غير معمولي لاڳاپن کي هڪ مضبوط اقتصادي ۽ سيرپاڪري شراڪتداري م تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ ميڪرو اڪنامڪ بنيادي عملن، سيڙپڪار دوست پاليسي فريم ورڪ ۽ شآفاف، اڳواٽ جي قابل ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي ماحول کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي نمايان ڪيو. وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان جي ترجيحي شعبن سميت توانائي، کاڻين ۽ معدنيات، انفراسٽرڪچر، ميري ٽائيم (سامونڊي معاملن) لاجسٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، مينيوفيڪچرنگ، زراعت، ۽ نجڪاري ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جو دائرو وڌائڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي عملدارن سان ويجهي تعاون سان ڪم ڪندي، اسٽريٽجڪ سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت ۽ اداره جاتي مدد فراهم ڪري رهي آهي. چالڪ هولڊنگ سان ملاقات ۾ وزيراعظم توانائي، انفراسٽرڪچر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ نجڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موجود اهم موقعن تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ پنهنجي آپريشنز کي وڌائڻ ۾ ڪمپني جي دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو ته چالڪ انرجي ۽ گيپ انشات ذريعي ڪمپني جي موجوده موجودگي گهري تعاون لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي. وزيراعظم پاڪستان ۾ البيرڪ گروپ جي وڏي عرصي کان سرگرمين کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي مواصلاتي رابطن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ ڪمپني جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي ان کي سامونڊي انفراسٽرڪچر، بندرگاهن جي جديدڪاري ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي ترغيب ڏني. وزيراعظم پاڪستان ۾ البيراڪ گروپ جي پراڻي مصروفيتن کي ساراهيو ۽ ڪمپني کي ميري ٽائيم انفراسٽرڪچر، بندرگاهن جي جديدڪاري ۽ لاجسٽڪس ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ترغيب ڏني ۽ پاڪستان جي ڪنيڪٽوٽي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ ان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. يونين آف دي چيمبر اينڊ ڪموڊٽي ايڪسچينجز آف ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ڪاروباري سطح تي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ تنظيم جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. هن بنهي ملڪن جي نجي شعبن وچ ۾ باقاعده رابطن لاءِ هڪ منظم اداره جاتي ميڪنزم قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ ٽي او بي بي کي دعوت ڏني ته هو سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن جو سڌي ريت جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪري. ترڪ ڪاروباري اڳواڻن پاڪستان حڪومت جي اقتصادي سڌارن، سيڙپڪاري جي ماحول ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي ساراهيو. هن پاڪستان جي معاشي نقطه نظر تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي حصيداري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ڪيترن ئي اسٽريٽجڪ شعبن ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ ڊگهي مدي جي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو.











