اسلام آباد - 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي 250هين يوم آزادي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جي 250هين سالگره جي تاريخي موقعي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان شاندار سنگ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران آمريڪي صدر کي 250هين يوم آزادي تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي 250هين يوم آزادي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي آمريڪا جي آزادي جي 250هين سالگره جي تاريخي موقعي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان شاندار سنگ ميل، آزادي، ثابت قدمي ۽ پائيدار جمهوري قدرن جي خوشي ۾ آمريڪا سان شريڪ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ست ڏهاڪن کان وڌيڪ شراڪتداري تي قائم آهي، جنهن کي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ جون ساراهه جوڳيون خدمتون وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي، ته جڏهن به عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين چئلينجز درپيش آيا آمريڪا ۽ پاڪستان اهم ترين موقعا تي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اهم ڪردار کي مڃون ٿا ۽ ان جو قدر ڪيون ٿا جنهن هڪ امڪاني تباهي پکيڙيندڙ جنگ کي روڪڻ ۽ ڪروڙين انساني حياتين کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڏني. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي وڏن تڪرارن جي خاتمي لاءِ ان جون مستقل ڪوششون به تحسين جوڳيون آهن. هن چيو ته جيئن جيئن ٻئي ملڪ هڪ روشن ۽ اميد ڏيندڙ مستقبل ڏانهن وڌي رهيا آهن، پاڪستان گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽تعميري ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.










