پيرا تعليمي شعبي ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ نجي تعليمي ادارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو

اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي)  پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي پيرا انهن نجي تعليمي ادارن جي اعزاز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽن ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي جن اٿارٽي جي اهم تعليمي ۽ سماجي فلاحي ڪوششن تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ڪندي ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون.  اهي اعزاز انهن تعليمي ادارن کي ڏنا ويا جن رائيٽ ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2012ع تحت 10 سيڪڙو ضرورتمند شاگردن کي وظيفا …

اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي)  پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي پيرا انهن نجي تعليمي ادارن جي اعزاز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽن ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي جن اٿارٽي جي اهم تعليمي ۽ سماجي فلاحي ڪوششن تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ڪندي ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون.  اهي اعزاز انهن تعليمي ادارن کي ڏنا ويا جن رائيٽ ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2012ع تحت 10 سيڪڙو ضرورتمند شاگردن کي وظيفا فراهم ڪيا، حقدار طبقي جي ٻارن کي مفت تعليم ڏني ۽ پيرا طرفان ريفر ڪيل اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي پنهنجي ادارن ۾ داخلا ڏئي قومي ذميواري ادا ڪئي. تقريب جو خاص مهمان پيرا جو چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ملاح هو. جڏهن ته چيئرمين فيڊرل بورڊ آف انٽر ميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام علي ملڪ  به مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پيرا جي اعليٰ آفيسرن، نجي تعليمي ادارن جي سربراهن، تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ نمائندن ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پيرا چيئرمين  نجي تعليمي ادارن جي خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هي ادارا صرف معياري تعليم ئي فراهم نه ڪري رهيا آهن پر معاشرتي ذميواري نڀائيندي اهڙن ٻارن کي به تعليم جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن جيڪي مالي يا سماجي ڏکيائين سبب تعليم کان محروم رهجي وڃن ٿا. هن چيو ته نجي شعبي جو اهو تعاون رائيٽ ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2012ع جي موثر طور لاڳو ڪرڻ، مستحق ٻارن کي مفت تعليم جي فراهمي ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي ٻيهر تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قومي مشن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن  تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جو ٿورو مڃيندي چيو ته وزارت جي مسلسل سرپرستي، رهنمائي ۽ حوصلا افزائي عيوض آءِ سي ٽي- پي اي آءِ آر اي تعليمي سڌارن ۽ عوامي خدمت جا مختلف قدم ڪاميابي سان جاري رکيا آهن. هن ان عزم  کي به ورجايو ته اٿارٽي مستقبل ۾ به نجي تعليمي ادارن جي ڀائيواري سان هر ٻار تائين معياري ۽ برابري وارا تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. تقريب کي خطاب ڪندي  ڊاڪٽر اڪرام علي ملڪ  چيو ته نجي تعليمي ادارن ۽ خاص ڪري انهن جي استادن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته محدود وسيلن ۽ گهٽ پگهارن باوجود نجي اسڪولن جا استاد قوم جي مستقبل جي تعمير ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.  هن آءِ سي ٽي- پي اي آءِ آر اي جي تعريف ڪندي انهن ادارن جي خدمتن کي باضابطا طور تسليم ڪندي انهن جي حوصلا افزائي ڪئي، جيڪي معاشري جي پٺتي پيل ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي تي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نجي تعليمي ادارن جي نمائندن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ته حڪومت، ريگيوليٽري ادارن ۽ نجي تعليمي شعبي جي گڏيل تعاون سان اهڙو تعليمي نظام جوڙيو ويندو جتي هر ٻار کي بنا فرق جي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا برابري وارا موقعا ميسر هجن.

مزید خبریں