اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته مالي سال 2027ع دوران مجموعي قومي پيداوار جي اؤسر واري شرح تقريبن 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان، مالي سال 2026ع جي شروعاتي ڪاٿن موجب 41.5 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو متوقع آهي، پاڪستان جي ٻاهرين شعبي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن اها ڳالهه جمعي تي پريس ڪانفرنس دوران چئي. اسٽيٽ …
مالي سال 2027ع دوران مجموعي قومي پيداوار جي اؤسر واري شرح تقريبن 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان، مالي سال 2026ع جي شروعاتي ڪاٿن موجب 41.5 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو متوقع آهي: اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته مالي سال 2027ع دوران مجموعي قومي پيداوار جي اؤسر واري شرح تقريبن 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان، مالي سال 2026ع جي شروعاتي ڪاٿن موجب 41.5 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو متوقع آهي، پاڪستان جي ٻاهرين شعبي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن اها ڳالهه جمعي تي پريس ڪانفرنس دوران چئي. اسٽيٽ بئنڪ مالي سال 27-2026ع جي روشنيءَ ۾ ملڪي معيشت بابت اهم اڳڀرائي ۽ مرڪزي بئنڪ جي معاشي جائزي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته ملڪ ۾ معاشي سرگرمين ۾ ترتيبوار تيزي اچي رهي آهي ۽ اقتصادي اؤسر اسٽيٽ بئنڪ جي اميدن موجب رفتار وٺي رهي آهي، وڏي پيماني جي صنعتي پيداوار جي سراسري سالياني اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ڪجهه مهينن ۾ اها شرح 10 سيڪڙو تائين پڻ پهچي وئي. صنعتي شعبي جي مضبوط ڪارڪردگي عيوض مالي سال 2027ع دوران مجموعي قومي پيداوار جي اؤسر واري شرح تقريبن 4 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. هن چيو ته مالي سال 2026ع جا مجموعي معاشي اهڃاڻ وڏي حد تائين اسٽيٽ بئنڪ جي اميدن موجب رهيا، جيتوڻيڪ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هاڻوڪي واڌ سبب جون 2026ع ۾ مهانگائيءَ جي سالياني شرح وڌي 11.1 سيڪڙو ٿي وئي، جڏهن ته پوري مالي سال دوران ناڻي واڌ 7.04 سيڪڙو رهي، جيڪا اسٽيٽ بئنڪ جي وچين مُدت جي هدف جي ويجهو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻاهرين شعبي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. جاري کاتن جو خسارو، جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 17.5 ارب آمريڪي ڊالر (جي ڊي پي جو 4.7 سيڪڙو) هو ۽ جنهن سبب آمدني واپار ۽ منافعي جي پرڏيهه منتقلي تي پابندي لاڳو ڪرڻي پئي هئي. مالي سال 2023ع ۾ گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالر، مالي سال 2024ع ۾ 2.1 ارب ڊالر، جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ 2.1 ارب ڊالر (جي ڊي پي جو 0.5 سيڪڙو) جو سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته مالي سال 2026ع جي پهرين 11 مهينن دوران اهي جاري کاتا سرپلس ۾ رهيا ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اميد آهي ته پوري مالي سال ۾ ان جو توازن جي ڊي پي جي ٻڙيءَ کان هڪ سيڪڙو جي وچ ۾ رهندو، جيڪو مرڪزي بئنڪ جي مقرر هدف جي هيٺين حد موجب آهي. گورنر ٻُڌايو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي ۽ مالي سال 2026ع جي پڄاڻيءَ تي اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي وارا ذخيرا وڌي 18.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا، جڏهن ته هڪ سال اڳ هي 13 ارب ڊالر هئا، ان اڳڀرائيءَ سان مٽاسٽا جي ناڻي جي کوٽ ۾ به نمايان گهٽتائي آئي، پرڏيهي قرضن جي ادائگيءَ ۾ سهولت ملي ۽ بئنڪن جي غير ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي بابت بقايائون به مالي سال 2023ع جي 5.8 ارب ڊالرن کان گهٽ ٿي مالي سال 2026ع جي پڄاڻيءَ تي صرف 95 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا. گورنر وڌيڪ چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بنيادي نوعيت جي واڌ مضبوط بنيادن تي جاري آهي. جيڪڏهن سال دوران پرڏيهي قرضن جون ادائگيون نه ڪيون وڃن ها ته ذخيرا تقريبن 23 ارب ڊالرن تائين پهچي وڃن ها، جيڪي پرڏيهي مالي رقمن جي مضبوط آمد جي عڪاسي ڪري ٿو. جميل احمد چيو ته گذريل 3 سالن ۾ پاڪستان جي ٻاهرين شعبي کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جيتوڻيڪ مالي سال 2022ع کان مجموعي ٻاهريون قرض تقريبن 100 ارب آمريڪي ڊالرن جي سطح تي برقرار آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا تقريبن 3 ارب ڊالرن کان وڌي 18.4 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا آهن، يعني ان ۾ ڇهوڻ تي واڌ ٿي آهي، حڪومت جي پرڏيهي قرضن جي ساخت به بهتر ٿي آهي، مختصر مدي جي ڪمرشل قرضن تي دارومدار ترتيبوار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ 20 کان 25 سال مُدت جي گهڻ رُخي رعايتي قرض حاصل ڪري رهيا آهيون، جنهن سان قرضن جي مُدت ۾ بهتري آئي آهي. گورنر چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل ناڻو لاڳيتو ملڪي معيشت لاءِ پرڏيهي مالي معاونت جو اهم ترين ذريعو آهي. پرڏيهه مان آيل ناڻو مالي سال 2023ع ۾ 27.3 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌي مالي سال 25ع ۾ 38.3 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته مالي سال 2026ع جي شروعاتي ڪاٿن موجب هي 41.5 ارب ڊالرن کان وڌي ويندو، جيڪو اسٽيٽ بئنڪ جي 41 کان 42 ارب ڊالرن جي اڳوڻي ڪاٿي موجب آهي. اسٽيٽ بئنڪ کي اميد آهي ته مالي سال 2027ع ۾ به پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي جي حوصلا افزائيءَ لاءِ اسڪيم ۾ شريڪل بئنڪ موجوده طريقيڪار تحت خدمتون جاري رکنداسين ۽ سموري مشهوري ۽ مارڪيٽنگ خرچن کي پاڻ برداشت ڪنداسين، جڏهن ته صارفين کي پرڏيهه مان پورهيتن پاران موڪليل ناڻي جي سهولت اڳ وانگر بنا معاوضي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس اسڪيم تحت به رقمن جي آمد ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ هاڻوڪن سڌارن کانپوءِ ان اسڪيم ذريعي سراسري 30 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ماهوار ملي رهيا آهن.












