اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڊانه سر جي علائقي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ پيش آيل افسوسناڪ بس حادثي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته هي انتهائي ڏکوئيندڙ حادثو آهي. قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي ۽ متاثر ڪٽنبن جي غم …
پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پاران ڊانه سر ۾ بس حادثي تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڊانه سر جي علائقي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ پيش آيل افسوسناڪ بس حادثي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته هي انتهائي ڏکوئيندڙ حادثو آهي. قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي ۽ متاثر ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن کي اعليٰ مقام ۽ وارثن کي صبر عطا فرماءِ.












