اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.954 ارب ڊالرن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب جون 2025ع جي پڄاڻيءَ تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.728 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل …
مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.954 ارب ڊالرن جي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.954 ارب ڊالرن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب جون 2025ع جي پڄاڻيءَ تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.728 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.363 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. 24 جون 2026ع تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 22.045 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.527 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.517 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.











