اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) طرفان پاڪستان جي معاشي رُخ تي مسلسل اعتماد اطمينان بخش آهي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ جي معاشي رُخ تي مسلسل اعتماد اسان لاءِ اطمينان بخش آهي، جنهن تي اسان ۽ او آءِ سي سي …
او آءِ سي سي آءِ پاران پاڪستان جي معاشي رُخ تي مسلسل اعتماد اطمينان بخش آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) طرفان پاڪستان جي معاشي رُخ تي مسلسل اعتماد اطمينان بخش آهي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ملڪ جي معاشي رُخ تي مسلسل اعتماد اسان لاءِ اطمينان بخش آهي، جنهن تي اسان ۽ او آءِ سي سي آءِ جا ٿورائتا آهيون. خرم شهزاد چيو ته حڪومت معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، سيڙپڪاريءَ تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر کي تيز ڪرڻ ۽ اهڙي ڍانچه جاتي سڌارن وارن قدمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪي چٽاڀيٽي، پيداواري صلاحيت ۽ نجي شعبي جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائين. هن چيو ته مالي سال 27-2026ع جو بجيٽ ان کي مضبوط بنيادن تي وڌيڪ اڳڀرائيءَ جي غرض سان ترتيب ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي سي آءِ ۽ وڏي وسيع ڪاروباري برادري سان پنهنجي ڀائيواريءَ کي نهايت اهميت ڏيون ٿا ۽ ان جو عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته گڏيل سهڪار سان معاشي استحڪام کي پائيدار ترقي، وڌندڙ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان لاءِ گڏيل خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪنداسين.










