راولپنڊي- 18 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪامياب ڪارروايون ڪري 10 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته انهن ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز جا 6 اهلڪار شهيد ٿيا. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران خوارجين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ …
سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ خوارجين خلاف ڪامياب ڪارروايون، 10 خوارجي جهنم ڀيڙو، 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي- 18 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج خلاف گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪامياب ڪارروايون ڪري 10 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو جڏهن ته انهن ڪارروائين دوران سيڪيورٽي فورسز جا 6 اهلڪار شهيد ٿيا. پاڪ فوج جي سڌ سماءِ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ خوارجين جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران خوارجين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 6 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخوا جي ضلعي هنگو ۾ هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز 4 ٻين خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. پريس رليز مطابق 17 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز جي هڪ قافلي تي بم حملي ۾ وطن جا 6 بهادر سپوت شهيد ٿي ويا. ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪي دار مادو هٿ ڪيو ويو، جيڪي علائقي ۾ مختلف دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيا هئا. پريس ريليز مطابق ”عزم استحڪام“ تحت دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون پوري قوت سان جاري رهنديون. پريس ريليز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وطن جي دفاع، امن ۽ سلامتي لاءِ اسان جي بهادر سپوتن ۽ شهيدن جون عظيم قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪن ٿيون.









