اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ پوليو روڪٿام پروگرام تحت هلندڙ مهيني 21 کان 27 سيپٽمبر تائين پوليو جي خاتمي بابت قومي ذيلي مهم منعقد ڪئي ويندي، جنهن دوران سڄي ملڪ جي 115 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. نيشنل آپريشنز سينٽر طرفان جاري بيان مطابق سيپٽمبر جي اها مهم بلوچستان، گلگت بلتستان، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ …
پاڪستان ۾ پوليو روڪٿام پروگرام تحت 21 کان 27 سيپٽمبر تائين مهم منعقد ڪئي ويندي

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ پوليو روڪٿام پروگرام تحت هلندڙ مهيني 21 کان 27 سيپٽمبر تائين پوليو جي خاتمي بابت قومي ذيلي مهم منعقد ڪئي ويندي، جنهن دوران سڄي ملڪ جي 115 هاءِ رسڪ ضلعن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 3 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. نيشنل آپريشنز سينٽر طرفان جاري بيان مطابق سيپٽمبر جي اها مهم بلوچستان، گلگت بلتستان، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ ۾ منعقد ڪئي ويندي. مهم دوران انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو جتي پوليو وائرس جو خطرو وڌيڪ آهي. اها مهم افغانستان ۾ جاري پوليو خاتمي جي سرگرمين سان هڪ ئي وقت منعقد ڪئي ويندي ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ پوليو وائرس جي منتقلي روڪڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. مهم دوران 2 لک 73 هزار کان وڌيڪ تربيت يافته فرنٽ لائن ورڪرز ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي سرگرمين ۾ حصو وٺندا. مهم کان اڳ پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي صحت جي شعبي کي ڪور ڪندڙ صحافين سان نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر ۾ خاص ويهڪ منعقد ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پوليو روڪٿام پروگرام جي قيادت ۽ فني ماهرن صحافين کي سيپٽمبر جي مهم جي تيارين، نگراني جي نتيجن ۽ هر اهل ٻار تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي جاري قدمن تي بريفنگ ڏني.









