خانگي شعبي کي بينڪن جو قرض 10.9کرب رپين تائين پهچي ويو

اسلام آباد-18 سيپٽمبر(اي پي پي)ملڪي بينڪن جي خانگي شعبي کي فراهم ڪيل قرض ۾ آگسٽ دوران ساليانو بنيادن تي 15 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب آگسٽ جي آخر ۾ بينڪن پاران خانگي شعبي کي فراهم ڪيل قرض 10.908 کرب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آگسٽ جي آخر ۾ اهو 9.48 کرب رپيا هيو. جولاءِ 2026ع جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران خانگي شعبي کي فراهم ڪيل بينڪ جي قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 0.1 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو . جولاءِ جي آخر ۾ …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر(اي پي پي)ملڪي بينڪن جي خانگي شعبي کي فراهم ڪيل قرض ۾ آگسٽ دوران ساليانو بنيادن تي 15 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب آگسٽ جي آخر ۾ بينڪن پاران خانگي شعبي کي فراهم ڪيل قرض 10.908 کرب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آگسٽ جي آخر ۾ اهو 9.48 کرب رپيا هيو. جولاءِ 2026ع جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران خانگي شعبي کي فراهم ڪيل بينڪ جي قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 0.1 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو . جولاءِ جي آخر ۾ خانگي شعبي کي فراهم ڪيل قرض 10.89 کرب رپيا هيو. انگن اکرن موجب آگسٽ جي آخر ۾ خانگي شعبي جي ڪاروبار کي بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض 9.23 کرب رپيان تائين پهچي ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال آگسٽ جي آخر ۾ خانگي شعبي جي ڪاروبار کي فراهم ڪيل قرض 8.17 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هيو جڏهن ته جولاءِ جي ڀيٽ ۾ آگسٽ دوران خانگي شعبي جي ڪاروبار کي فراهم ڪيل قرض ۾ ماهوار بنيادن تي 0.5 سيڪڙو جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي. جولاءِ جي آخر ۾ ڪاروباري شعبي کي فراهم ڪيل بينڪن جو قرض 9.28 کرب رپيا هيو جيڪو آگسٽ جي آخر ۾ گهٽجي 9.23 کرب رپيا ٿي ويو.

مزید خبریں