اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، جيڪي ملڪ جي پرڏيهي مالي پوزيشن ۾ نمايان بهتري کي ظاهر ڪن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خرم شهزاد چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ موجود مٽا سٽا واري ناڻي جا …
ملڪي پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا بلند ترين ذخيرا ملڪ جي پرڏيهي مالي پوزيشن ۾ نمايان بهتري کي ظاهر ڪن ٿا: ناڻي بابت صلاحڪار خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن، جيڪي ملڪ جي پرڏيهي مالي پوزيشن ۾ نمايان بهتري کي ظاهر ڪن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خرم شهزاد چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ موجود مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا 11 سيپٽمبر 2026ع تي 21.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، هن چيو ته سال 23-2022ع جي ڏکين حالتن جي ڀيٽ ۾ مٽا سٽا جي ناڻي جي موجوده سطح ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته آمدني واپار لاءِ دستياب مٽا سٽا جي ذخيرن جو ڪور به بحران وقت ٻن هفتن کان وڌي هاڻي ٽن مهينن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. خرم شهزاد چيو ته مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ اهو اضافو رڳو ذخيرن جي بحالي نه پر پاڪستان جي پرڏيهي مالي پوزيشن ۽ معاشي استحڪام ۾ نمايان بهتري جي عڪاسي ڪري ٿو. ان سان پرڏيهي ادائيگين جي صلاحيت مضبوط ٿي آهي ۽ عالمي معاشي جهٽڪن جو مقابلو ڪرڻ جي گنجائش ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري پرڏيهه مان اماڻيل پرڏيهي ناڻي ۽ خدمتن جي روانگي واپار ۾ اضافي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي بهتر صورتحال ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس تائين پاڪستان جي ٻيهر پهچ سان سامهون آئي آهي. خرم شهزاد چيو ته سال 23-2022ع جي شديد پرڏيهي مالي ڏکيائين مان نڪري موجوده دور ۾ رڪارڊ مٽا سٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۽ ٽن مهينن کان وڌيڪ آمدني واپار جي ڪور تائين پهچڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي مالي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي ظاهر ٿي رهي آهي، اها اڳڀرائي بحران کان استحڪام، مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي بحالي، پرڏيهي مالي مضبوطي کان اعتماد، سيڙپڪاري ۽ پائيدار معاشي ترقي ڏانهن سفر آهي.









