وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران اتر وزيرستان ۽ هنگو ۾ ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر(اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اتر وزيرستان ۽ هنگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۽ هنگو ۾ ڪامياب ڪاررواين دوران 10 خوارجين جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ جانيون …

اسلام آباد- 18 سيپٽمبر(اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اتر وزيرستان ۽ هنگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۽ هنگو ۾ ڪامياب ڪاررواين دوران 10 خوارجين جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ جانيون قربان ڪندڙ 6 بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪريون ٿا. قوم پنهنجن عظيم شهيدن جي لازوال قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجات بلند ڪري ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي.

مزید خبریں