ملڪ ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل  قرض ۾ آگسٽ دوران ماهوار  ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو، فراهم ڪيل قرض 316 ارب رپيا رڪارڊ

اسلام آباد-18 سيپٽمبر(اي پي پي) ملڪ ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جي فراهم ڪيل قرض ۾ آگسٽ دوران ماهوار  ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب آگست 2026ع ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض 316 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، اهو جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 10.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ 2026ع ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جو فراهم ڪيل قرض 286 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هيو. انگن اکرن موجب گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ …

اسلام آباد-18 سيپٽمبر(اي پي پي) ملڪ ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جي فراهم ڪيل قرض ۾ آگسٽ دوران ماهوار  ۽ ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي . اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب آگست 2026ع ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض 316 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، اهو جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 10.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ 2026ع ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جو فراهم ڪيل قرض 286 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هيو. انگن اکرن موجب گذريل سال آگسٽ جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال آگسٽ دوران گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جي فراهم ڪيل قرض ۾ ساليانو بنيادن تي 49.5 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو آهي. گذريل سال آگسٽ ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض 211 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هيو جيڪو هلندڙ سال آگسٽ ۾ وڌي 316 ارب رپيا ٿي ويو.

مزید خبریں