سينيٽ ميمبرن پاران مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ ميمبرن مالي سال بجي بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر محمد عبدالقادر چيو ته اها بجيٽ ڏُکين حالتن ۾ بڻائي وئي آهي، ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻ هاڪاري آهن، حڪومت معيشت کي درست رُخ ۾ وٺي وڃي رهي آهي، …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ ميمبرن مالي سال بجي بجيٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. سينيٽ اجلاس ۾ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر محمد عبدالقادر چيو ته اها بجيٽ ڏُکين حالتن ۾ بڻائي وئي آهي، ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻ هاڪاري آهن، حڪومت معيشت کي درست رُخ ۾ وٺي وڃي رهي آهي، گذريل ٻن ٽن سالن کان ڊالر جو اگهه مستحڪم رهيو آهي. ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، اسان جي نوجوان آبادي 60 سيڪڙو آهي، جيڪڏهن اسان کين صحيح رهنمائي ڏني ته اهي جي ڊي پي ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا، ٻي صورت ۾ اهو اسان لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. بجلي اسان جي ملڪ جو اهم ترين مسئلو آهي. ڪيپسٽي پيمنٽ چارجز جي ترقياتي فنڊز کان وڌيڪ ادائيگي ڪئي پئي وڃي. آءِ پي پيز جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي معاملا حل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام اڻٽر آهي. جهڙيءَ طرح پاڪستان ايران آمريڪا جنگ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو تعريف جوڳو آهي، مڪاني ادارا فعال ڪيا وڃن. مولانا عبدالواسع چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اين ايف سي ايوارڊ سان صوبن جي حصن مان ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته بجيٽ ۾ رياست جو حقيقي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عام ماڻهوءَ کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سنڌ صوبي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سوڪهڙي جي صورتحال آهي. زرعي جنسن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. زرعي سڌارن جي ضرورت آهي. 18هين ترميم رول بيڪ نٿي ڪري سگهجي. پاڪستان اسان جي ماءُ آهي، ان لاءِ هر قربانيءَ لاءِ تيار آهيون. سينيٽر حامد خان چيو ته ملڪي قرضن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. سياسي استحڪام کان سواءِ معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي.