اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته محرم الحرام جو مقدس مهينو اسان کي حق ۽ انصاف جي اصولن جي پاسداري جي ياد ڏياري ٿو. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محرم الحرام جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته محرم الحرام جو مقدس مهينو اسان کي ايثار، قرباني، صبر، استقامت، ڀائيچاري ۽ حق ۽ انصاف …
حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي عظيم قرباني اسان کي ظلم خلاف حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته محرم الحرام جو مقدس مهينو اسان کي حق ۽ انصاف جي اصولن جي پاسداري جي ياد ڏياري ٿو. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين محرم الحرام جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته محرم الحرام جو مقدس مهينو اسان کي ايثار، قرباني، صبر، استقامت، ڀائيچاري ۽ حق ۽ انصاف جي اصولن جي پاسداري جي ياد ڏياري ٿو. ڪربلا جو واقعو پوري انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي عظيم قرباني اسان کي ظلم خلاف حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿي. سينيٽ چيئرمين چيو ته محرم الحرام اسان کي پنهنجي ڪردار ۽ معاشرتي ذميدارين جو جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته موجوده حالتن ۾ قومي اتحاد، مذهبي هم آهنگي، امن، رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺرائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت، ادارا ۽ عوام محرم الحرام دوران امن امان ۽ مذهبي احترام جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي حق ۽ انصاف جي رستي تي هلڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.











