اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، پائيدار طريقي سان معيشت کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. اربع ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سوشل ميڊيا کي ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي اهم نُڪتن تي بريفنگ ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته بجيٽ پگهاردار طبقي، زراعت، عورتن، نوجوانن، صنعتن ۽ ملڪي معيشت کي اڳتي …
ننڍن دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ متعارف ڪرايل اسڪيم تي واپاري تنظيمن سان گڏجي عملدرآمد ڪنداسين: ناڻي وارو مملڪتي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، پائيدار طريقي سان معيشت کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا. اربع ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان سوشل ميڊيا کي ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي اهم نُڪتن تي بريفنگ ڏيندي مملڪتي وزير چيو ته بجيٽ پگهاردار طبقي، زراعت، عورتن، نوجوانن، صنعتن ۽ ملڪي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ وارن قدمن تي ٻَڌل رليف وارو بجيٽ آهي. بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي کي خاص اهميت ڏني وئي آهي، زراعت جي مد ۾ صرف پي ايم يوٿ پروگرام تحت 110 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا، زرعي مشينري تي ڊيوٽيز ۾ واضح گهٽتائي ڪئي وئي آهي، 88 ارب رپين جي ايڪسپورٽ فنانس اسڪيم جو هڪ حصو زراعت لاءِ هوندو، ترقياتي بجيٽ ۾ به 4.1 ارب رپيا زراعت جي رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت روزگار جا موقعا وڌائڻ وارا قدم کنيا آهن، عوام کي امڪاني رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هي اهڙو بجيٽ آهي جنهن ۾ عوام لاءِ رليف آهي، اسان پائيدار طريقي سان معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته تعليم ۽ صحت صوبائي معاملا آهن، جڏهن ته وفاق به پنهنجي رابطه ڪاري جو ڪردار اثرائتي طريقي سان ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي لاءِ 838 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن، بي آءِ ايس پي تحت عورتن ذريعي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ خاندانن کي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عورتن جي ڀلائي وارا قدم کنيا ويا آهن، عورتن جي ٻار ڄڻڻ جي صحت جي بهتريءَ لاءِ کين سيلز ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته واپارين ۽ دڪاندارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ صلاح مشورن سان قدم کنيا پيا وڃن، ماضيءَ جي حڪومتن ڪوشش ڪئي پر کين ڪاميابي نه ملي. هن وقت 35 لک دڪاندار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن جن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي وئي آهي، اسان واپاري تنظيمن سان گڏجي ان تي عملدرآمد ڪرائينداسين. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، اوورسيز پاڪستانين جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي تي پاڪستان ريمٽينس انيشيئٽوز تحت سبسڊائز شرح رکي وئي آهي.











