وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو

اسلام آباد- 7 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گلگت بلتستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم گلگت بلتستان جي دوري دوران گورنر محمد سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد سان ملاقات ڪندو. وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، …

اسلام آباد- 7 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گلگت بلتستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم گلگت بلتستان جي دوري دوران گورنر محمد سيد مهدي شاهه ۽ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد سان ملاقات ڪندو. وفاقي وزير احسن اقبال، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا.