اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته معرڪه حق اسان جي قومي تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب آهي، جڏهن قوم متحد ٿي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت ان جي بنيادن کي لوڏي نٿي سگهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان گڏوگڏ …
معرڪه حق اسان جي قومي تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب آهي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته معرڪه حق اسان جي قومي تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب آهي، جڏهن قوم متحد ٿي وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت ان جي بنيادن کي لوڏي نٿي سگهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان گڏوگڏ انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي تڪرارن جي حل تي يقين رکُون ٿا، مُلڪ جي خلاف ڪنهن به خطري جو جواب قومي اتحاد، اڻٿڪ عزم ۽ هر ممڪن طاقت ذريعي ڏنو ويندو، پاڪستان دنيا کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هُو پنهنجي خودمختياري تي ڪوبه ٺاهه نه ڪندو. انهن خيالن جو اظهار نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن معرڪه حق جي هڪ سال جي مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ اسان معرڪه حق جي پهرين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو هڪ فيصلائتو باب آهي. اها رڳو ڪئلينڊر تي هڪ تاريخ ناهي، پر جرئت، اتحاد ۽ اڻٿڪ عزم جي هڪ پياري ڪهاڻي آهي جنهن تي هر سپاهي ثابت قدم رهيو ۽ پوري قوم انهن سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل رهي. نائب وزيراعظم ان موقعي تي، هٿياربند فوج جي بهادر آفيسرن ۽ سپاهين، قوم جي پٽن ۽ ڌيئرن کي سلام پيش ڪيو، جن نظم ۽ ضبط، جرئت ۽ عزم سان مُلڪ جو دفاع ڪيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته مان پاڪستاني عوام کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جن جو اتحاد اسان جي سڀ کان وڏي طاقت ثابت ٿيو. هن چيو ته جڏهن قوم متحد ٿي وڃي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان جي بنيادن کي لوڏي نٿي سگهي. نائب وزيراعظم چيو ته جڏهن گذريل سال اسان تي جارحيت مڙهي وئي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان صبر، ڏاهپ ۽ اصولي موقف سان ردعمل ڏنو. اسان جو جواب متوازن، ذميوار ۽ تمام گهڻو موثر هو، جيڪو جذبات جي بدران اصولن ۽ قومي مفاد جي بنياد تي ٻڌل هو. نائب وزيراعظم چيو ته آپريشن بنيان مرصُوص صرف هڪ فوجي ڪاميابي نه هئي، گڏيل قومن جي منشُور مُوجب پاڪستان، ان وقت جي جنرل سيد عاصم منير جيڪو هاڻي فيلڊ مارشل ۽ چيف آف ڊفينس فورسز آهن جي قيادت ۾ پنهنجي دفاع جي فطري حق کي استعمال ڪندي هڪ پرعزم فيصلائتو ۽ مناسب جواب ڏنو، جيڪو صرف ڀارت جي فوجي هدفن تائين محدود هو. نائب وزيراعظم چيو ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌُو جي قيادت ۾ پاڪستان ايئر فورس نمايان عملي ڪاميابيون حاصل ڪيون، جن ۾ ڪيترن ئي ڀارتي جنگي جهازن کي ڪيرائڻ ۽ اهم فوجي هدفن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻائڻ شامل آهي. هن چيو ته اهي حقيقتون مڪمل طور تي دستاويزي شڪل ۾ موجُود ۽ ناقابل ترديد آهن. ان دوران، ايڊمرل نويد اشرف جي اڳواڻي ۾، پاڪستان نيوي ڪنهن به قسم جي بحري جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار رهي. پنهنجي متوازن ۽ پرعزم ردعمل وسيلي پاڪستان دنيا کي هڪ واضح ۽ چٽو پيغام ڏنو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي تنهن هُوندي به هُو پنهنجي عزت، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي تي ڪوبه ٺاهه نه ڪندو. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته ان نازڪ مرحلي دوران، مون پرڏيهي آفيس ۾ پنهنجن ساٿين سان فعال سفارتي رابطا جاري رکيا ۽ ٻه طرفي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو، جنهن سان پاڪستان جي قانوني، ذميواراڻي ۽ محتاط ردعمل جي حوالي سان عالمي سطح تي بهتر سمجهه پيدا ٿي آهي. هن چيو ته گذريل سال جا واقعا ان حقيقت جي به ياد ڏيارين ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين بنيادي تڪرار، خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق منصفاڻي نموني سان حل نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي. اسان ڳالهين ۽ سفارتڪاري سان گڏوگڏ انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي تڪرارن کي حل ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. تنهن هوندي به، اسان ان عزم کي به ورجايون ٿا ته مُلڪ جي خلاف ڪنهن به خطري جو جواب قومي اتحاد، اڻٿڪ عزم ۽ هر ممڪن طاقت ذريعي ڏنو ويندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته معرڪه حق جي هي سالگرهه رڳو ماضي کي ياد ڪرڻ جو موقعو نه آهي پر مستقبل جو رخ مقرر ڪرڻ جو به عهد آهي، هڪ اهڙو مستقبل جتي پاڪستان رڳو دفاع ۾ ئي نه پر معيشت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ به مضبوط هجي، هڪ اهڙو مستقبل جتي اسان جو نوجوان نسل اعتماد سان قيادت ڪري ۽ پاڪستان عالمي برادري ۾ وقار سان پنهنجو مقام وڌيڪ مستحڪم ڪري. هن چيو ته، اچو ته اڄ جي ڏينهن پنهنجي اجتماعي وچن کي ورجايُون، متحد رهڻ جو وچن، ورڇ ٿيڻ کي رد ڪرڻ جو وچن، ۽ هڪ پرامن، خوشحال ۽ مضبوط پاڪستان لاءِ مسلسل محنت ڪرڻ جو وچن، ڇاڪاڻ ته معرڪه حق جو رُوح رڳو اسان جي تاريخ ۾ رقم ناهي، پر اسان مان هر فرد جي اندر زنده آهي ۽ انشاالله زنده رهندو.










