اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، معرڪه حق دوران قومي عزم جي ڀرپُور ترجماني ڪندي ڀارت جي بنا سبب جي جارحيت تي هڪ چٽو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. هن ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان ويندي معرڪه حق جي ڪاميابي تائين دُنيا کي قومي موقف کان هر لمحي کان آگاهه رکيو. معرڪه حق ۾ پاڪستان اثرائتي اسٽريٽجڪ رابطي …
معرڪه حق دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي عزم جي ڀرپُور ترجماني ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 مئي (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، معرڪه حق دوران قومي عزم جي ڀرپُور ترجماني ڪندي ڀارت جي بنا سبب جي جارحيت تي هڪ چٽو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. هن ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان ويندي معرڪه حق جي ڪاميابي تائين دُنيا کي قومي موقف کان هر لمحي کان آگاهه رکيو. معرڪه حق ۾ پاڪستان اثرائتي اسٽريٽجڪ رابطي ذريعي واضح ڪيو ته قومي عزم صرف هڪ دعويٰ ناهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيڪو چيو اهو ڪري ڏيکاريو. معرڪه حق ۾، ڊي جي آءِ ايس پي آر پُوري قوم جي اڻٿڪ عزم ۽ قومي موقف جي مؤثر، چٽي ۽ واضح انداز ۾ ترجماني ڪئي. ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان ويندي معرڪه حق جي ڪاميابي تائين، ڊي جي آءِ ايس پي آر دنيا کي هر لمحي قومي موقف کان آگاهه رکيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي وچ واري رات تي ڀارت جي بنا سبب جارحيت تي واضح موقف اختيار ڪندي چيو هو ته بزدل دشمن ڀارت پنهنجي سرحدن مان پاڪستان تي شرمناڪ حملو ڪيو، جنهن جو بروقت، اثرائتو ۽ ڀرپُور جواب ڏنو ويندو. پاڪستان ۾ بزدل حملي جو ايترو سخت جواب ڏنو ويندو جو ڀارت جي عارضي خوشي دائمي غم ۾ تبديل ٿي ويندي. ڀارت هروڀرو ۽ بنا ڪنهن سبب جي پاڪستان جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پنهنجي وقت، جڳهه ۽ پنهنجي مرضي مُوجب ڀارتي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيندو. بزدل دشمن ڀارت فوج سان وڙهڻ بدران رات جي اونداهي ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته دشمن کان معصوم شهرين جي بيگناهه رت جي آخري ڦُڙي تائين جو پُورو حساب ورتو ويندو. پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻائيندو ۽ بڻائي رهيو آهي. جڏهن پاڪستان حملو ڪندو ته ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي، سڄي دنيا ڏسندي. اسان توهان جي طاقت، جارحيت ۽ چالاڪيءَ کان ڊڄڻ واري قوم نه آهيون. هاڻي اسان جي ڀرپُور جواب جو انتظار ڪريو. هن چيو ته ڪو به گُمان ۾ نه رهي، جڏهن اسان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي ته هڪ طاقتور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي ترجمان جا تاريخي لفظ پاڪستاني قوم جي جرئت، يڪجهتي ۽ قومي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.










