ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي، مسلم اتحاد، قومي سلامتي ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي زور

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ڇهين عالمي پيغامِ اسلام ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي، مسلم اُمت جي اتحاد ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس جو بندوبست پاڪستان علماء ڪائونسل بين الاقوامي تعظيم حرمين شڙيفين ڪائونسل جي سهڪار سان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ڇهين عالمي پيغامِ اسلام ڪانفرنس ۾ قومي سلامتي، مسلم اُمت جي اتحاد ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ڪانفرنس جو بندوبست پاڪستان علماء ڪائونسل بين الاقوامي تعظيم حرمين شڙيفين ڪائونسل جي سهڪار سان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، فلسطين جي سفير ڊاڪٽر زهير محمد حمد الله زيد، فلسطين جي مفتي اعظم شيخ محمد احمد حسين، چيف جسٽس فلسطين ڊاڪٽر محمد الهباش سميت سعودي عرب، فلسطين ۽ ٻين ملڪن جي اعليٰ نمائندن، عالم سڳورن ۽ عالمي نمائندن شرڪت ڪئي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي قومي پيغام امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي پاڪستان حڪومت، هٿياربند فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي انهن جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن قوم جي تازي ڪاميابين خاص ڪري حق جي ويڙهه، بنيان مرصوص ۾ فتح تي مبارڪون ڏنيون جنهن جي پهرين سالگره سڄي ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان ڪميونٽي طرفان ملهائي پئي وڃي. هن مسلم اُمت ۾ اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي ضرورت تي زور ڀريندي پاڪستان جي علائقائي معاملن تي مؤقف جي توثيق ڪئي جنهن ۾ ايران ۽ عرب ۽ اسلامي ملڪن سان ناتا شامل آهن. حافظ طاهر محمود اشرفي ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ عرب ملڪن تي ٿيل حملن تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان کي خطي جي استحڪام لاءِ نقصانده قرار ڏنو. هن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار کي مسلم دنيا لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته اها ڀائيواري اسلامي ملڪن جي اجتماعي دفاعي نظام کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. هن اعلان ڪيو ته ستين عالمي پيغامِ اسلام ڪانفرنس مارچ 2027ع ۾ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ عالمي مذهبي شخصيتون خاص ڪري مڪي جي امام، فلسطين جي مفتي اعظم شيخ الازهر ۽ پوپ کي به دعوت ڏني ويندي ته جيئن بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڪانفرنس ۾ نالي واري عالم مولانا محمد ادريس ترنگزئي جي قتل جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ـ چيو ته تشدد، ڀتا خوري ۽ لاقانونيت جو اسلام ۽ شريعت سان ڪو تعلق ناهي. پڌرائيءَ موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ليڊر آف پيس ۽ ان صديءَ جو عظيم ترين فاتح جرنيل جي لقبن سان نوازيو ويو جيڪو سندس امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مسلم اُمت ۾ استحڪام لاءِ خدمتن جو اعتراف آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي فلسطين سميت اهم عالمي معاملن تي سندس چٽي ۽ واضح مؤقف جي اعتراف ۾ اعزازي شيلڊ پيش ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح سعودي عرب جي ولي عهد وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيزا السعود جنهن کي گلوبل پرسنالٽي آف 2025ع جو اعزاز ڏنو ويو کي پاڪستان سان دفاعي سهڪار، مسلم دنيا جي اتحاد ۽ علائقائي ۽ عالمي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ خاص ايوارڊ سان نوازيو ويو. ڪانفرنس جو آخري سيشن ايوانِ صدر ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو جنهن کان پوءِ عالمي نمائندن پنهنجي پنهنجي ملڪن لاءِ روانا ٿيا.