سينيٽ چيئرمين سان چيف انفارميشن ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيف انفارميشن ڪمشنر شعيب احمد صديقي انفارميشن ڪميشن ڪيرڪن سان گڏ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي ان ملاقات کي اداره جاتي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي قيام کي 3 سال مڪمل هئڻ هڪ اهم سنگِ …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيف انفارميشن ڪمشنر شعيب احمد صديقي انفارميشن ڪميشن ڪيرڪن سان گڏ ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين وفد جي آجيان ڪندي ان ملاقات کي اداره جاتي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي قيام کي 3 سال مڪمل هئڻ هڪ اهم سنگِ ميل آهي جيڪو ڪميشن جي وڌندڙ اداره جاتي صلاحيت، بهتر سروس ڊليوري ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي حق جي باري ۾ عوامي آگاهي ۾ واڌ جي عڪاسي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شفافيت حڪمرانيءَ جو هڪ بنيادي اصول آهي جيڪو عوامي اعتماد کي هٿي ڏيڻ، ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اثرائتي فيصلا سازي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو ڄاڻ تائين پهچ کي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بنائڻ، عوامي شڪايتن جي ازالي ۽ سرڪاري ادارن ۾ اڳواٽ ڄاڻ جي فراهميءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته شفافيت جي هدفن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ اداره جاتي توازن ۽ آئيني ۽ قانوني گهرجن جي پاسداري به نهايت ضروري آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته بهتر هم آهنگي، واضح طريقيڪار ۽ اثرائتي عملدرآمد جي نظام ذريعي شفافيت جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو جيڪو مجموعي طور تي گورننس جي معيار ۾ بهتريءَ جو سبب بڻجندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي شعيب احمد صديقي سينيٽ چيئرمين کي ڪميشن جي ڇهه ماهي رپورٽ پيش ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.