اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي ۽ ماحول دوست ماليات کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدمن سان گڏوگڏ پهرين کان دستياب فنڊز جو شفاف، فعال ۽ اثرائتو استعمال ضروري آهي، آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس ۾ موسمياتي لچڪ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ 200 ملين ڊالرن جي ملڻ جو امڪان آهي، وچ اوڀر جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ڪمرشل …
حڪومت ماحول دوست ماليات کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي ۽ ماحول دوست ماليات کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدمن سان گڏوگڏ پهرين کان دستياب فنڊز جو شفاف، فعال ۽ اثرائتو استعمال ضروري آهي، آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس ۾ موسمياتي لچڪ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ 200 ملين ڊالرن جي ملڻ جو امڪان آهي، وچ اوڀر جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ڪمرشل سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ذخيرن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ ضروري ٿي ويو آهي. بريٿ پاڪستان انٽرنيشنل ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سينٽر ۾ قدرتي آفتن ۽ موسمياتي صورتحال جي حوالي سان مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل جديد ترين آگاهي جو نظام نصب ڪيو ويو آهي، ان نظام تحت هيٽ ويوز، برساتن، سوڪهڙي ۽ ٻين موسمياتي عملن جي حوالي سان اڳواٽ آگاهي جي حوالي سان بهترين ڄاڻ ملي رهي آهي، حفاظتي ۽ اڳواٽ وارن قدمن جي حوالي سان پاڪستان هاڻ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر پوزيشن تي آهي ۽ هاڻ اسان وٽ سائنسي ڊيٽا دستياب آهي، انهن قدمن سان موسمياتي ايونٽس جي حوالي سان اڳواٽ وارن قدمن ۽ پاليسي سازيءَ ۾ مدد ملي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالياتي بفرز جو قيام پهريون مرحلو هوندو آهي ۽ ان جو دارومدار ڪلي معيشت جي استحڪام سان آهي، ڪلي معيشت جو مستحڪم ٿيڻ ڪنهن به ملڪ جي اقتصاديات لاءِ بنيادي هاءِ جين آهي، 2022ع جي ٻوڏ ۾ پاڪستان جا ٻه صوبا متاثر ٿيا، پاڪستان عالمي برادريءَ کان مدد جي اپيل ڪئي هئي، گذريل سال پاڪستان وري ٻوڏ جي نقصانن کي مُنهن ڏنو، ان ٻوڏ جي شدت به تمام وڌيڪ هئي ۽ ان سان تقريبن سڄو پاڪستان متاثر ٿيو هو، ان وقت ڪيترائي ڀيرا چيو ويو ته عالمي مدد جي اپيل ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم ۽ ڪابينه فيصلو ڪيو ته عالمي مدد جي اپيل نه ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته پاڪستان وٽ وسيلا دستياب آهن، اهو ان لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ مالياتي بفرز ۽ مالي گنجائش موجود هئي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي ماليات جي حوالي سان عالمي بئنڪ ۽ ٻين گهڻ رُخي ڀائيوار پاڪستان سان سهڪار ڪري رهيا آهن. اسان عالمي بئنڪ جي صدر اجي بنگا ۽ سندس ٽيم جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ۾ سهڪار تي سندس شڪريو ادا ڪريون ٿا. ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جا ٽي بنيادي ٿنڀ آهن جن مان پهرين ٻه يعني موسمياتي تبديلين ۽ وڌندڙ آبادي پاڪستان لاءِ وجودي خطري جي حيثيت رکن ٿا، ٽيون ٿنڀ مالي معاملن بابت آهي، ڪلائميٽ فنانس ۾ 200 ملين ڊالرن جي سالياني جي معاونت سان اسان وٽ 600 کان 700 ملين ڊالرن تائين جي مالياتي معاونت دستياب آهي، اهڙيءَ طرح عالمي مالياتي فنڊ سان پاڪستان جا جيڪي معاملا جاري آهن ان مان هڪ حصو توسيعي فنڊ سهولت ۽ ٻيو موسمياتي لچڪ آهي. آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس جمعي تي ٿي رهيو آهي ۽ منظوري جي صورت ۾ موسمياتي لچڪ لاءِ پاڪستان کي وڌيڪ 200 ملين ڊالر ملڻ جو امڪان آهي، اهڙيءَ طرح جي مدد ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان به فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو آهي، شروعاتي طور تي 250 ملين آر ايم بي ماليت جا بانڊز جاري ڪيا پيا وڃن، حڪومت ماحول دوست مالياتي لاءِ مالياتي ذريعن کي جدت وارو بنائڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالياتي ذريعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدمن سان گڏوگڏ پهرين کان دستياب فنڊز جو شفاف، فعال ۽ اثرائتو استعمال ضروري آهي، ان لاءِ سيڙپڪاري ۽ بئنڪنگ جي اهل منصوبن کي ترتيب ڏيڻي پوندي، موسمياتي ماليات ۽ گرين ماليات لاءِ پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي. ناڻي واري چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي قيادت طرفان ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري آهن ۽ ان جا هاڪاري نتيجا به سامهون اچي رهيا آهن. وچ اوڀر جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ اسان کي ڪمرشل سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ذخيرن جي قيام تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ان سان گڏوگڏ متبادل توانائي کي حاصل ڪرڻ طرف سفر ۾ تيزي آڻڻي پوندي، حڪومت متبادل توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ رٿائن ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، توانائيءَ جي بچت لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رهندو.










