اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق حق جي ويڙهه کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ويڙهه پاڪستان جي قومي ۽ دفاعي تاريخ جو روشن ۽ چمڪندڙ باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج طرفان وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ خوددار، …
حق جي ويڙهه پاڪستان جي قومي ۽ دفاعي تاريخ جو روشن ۽ چمڪندڙ باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق حق جي ويڙهه کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ويڙهه پاڪستان جي قومي ۽ دفاعي تاريخ جو روشن ۽ چمڪندڙ باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڀارتي اڳرائي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج طرفان وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ثابت ڪيو ته پاڪستان هڪ خوددار، متحد ۽ پُرعزم قوم آهي جيڪا پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نٿي ڪري. هن چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات دشمن شهري آبادي ۽ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو جيڪو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هئي جڏهن ته پاڪستاني فوج فوري ۽ ڀرپور جواب ڏيندي دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي ناڪام بڻايو ۽ ڪيترائي جنگي جهاز ڪِيرايا. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڏور رس عسڪري حڪمتِ عملي ان ڪاميابيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سفارتي محاذ تي پاڪستان جو مؤقف اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت جي ڪوڙي بيانيي ۽ پروپيگنڊا عالمي سطح تي بي نقاب ٿي ۽ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد صف دفاعي حڪمت عمليءَ کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اسپيڪر چيو ته 7 ۽ 10 مئي تائين جاري رهندڙ ان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جديد جنگي حڪمتِ عملي، اعليٰ تربيت ۽ غير معمولي پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي دشمن کي تمام وڏو نقصان پهچايو. هن پاڪ فضائيه جي شاهينن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اها صديءَ جي سڀ کان وڏي فضائي جهڙپ هئي جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ جنگي جهازن حصو ورتو. هن چيوته پاڪ فضائيه دشمن جي جديد ترين جنگي جهازن ۽ دفاعي نظام کي ناڪام بڻائڻ سان گڏوگڏ ڀارتي جهازن کي ڪيرايو جڏهن ته پنهنجي ڪنهن به جهاز جي نقصان کانسواءِ پنهنجي سرسي ثابت ڪئي جيڪا عسڪري تاريخ ۾ هڪ نمايان مثال طور تي هميشه ياد رکيو ويندو. اسپيڪر حق جي ويڙهه جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطنِ عزيز جي حفاظت انهن بهادر پُٽن جي قربانين عيوض ممڪن بڻي. هن چيو ته معصوم شهرين ۽ بهادر پُٽن جي شهادتن قومي طاقت ۽ استقامت جو سرچشمو آهي ۽ قوم ان کي هميشه ياد رکندي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حق جي ويڙهه اسان جي فوج جي جرائت، پيشيوراڻي مهارت ۽ قومي عزم جي واضح عڪاسي ڪري ٿي ۽ پاڪستاني قوم هر ڏُکي گهڙيءَ ۾ متحد ٿي پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار رهي ٿي.










