اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي سملي ڊيم جي واڌ لاءِ عمل جوڳو پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير سملي ڊيم جو دؤرو ڪيو. جتي کيس سملي ڊيم جي واڌ جي پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سملي ڊيم سان اسلام آباد کي 40 سيڪڙو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. گهرو وزير سملي ڊيم جي واڌ …
گهر وزير پاران سملي ڊيم جي واڌ لاءِ عمل جوڳو پلان طلب

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي سملي ڊيم جي واڌ لاءِ عمل جوڳو پلان طلب ڪري ورتو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير سملي ڊيم جو دؤرو ڪيو. جتي کيس سملي ڊيم جي واڌ جي پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته سملي ڊيم سان اسلام آباد کي 40 سيڪڙو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي. گهرو وزير سملي ڊيم جي واڌ لاءِ عمل جوڳو پلان طلب ڪري ورتو ۽ چيو ته ڊيم جي واڌ سان پاڻيءَ جي ڪثرت سان فراهميءَ کي يقيني بڻائي سگبي. هن هدايت ڪئي ته سملي ڊيم جي واڌ جي منصوبي لاءِ جامع پلان جلد تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. گهرو وزير ڊيم جي ڀرپاسي ۽ علائقي جو جائزو ورتو ۽ علائقي ۾ تفريحي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڊولپمينٽ جو پلان طلب ڪري ورتو. هن چيو ته سملي ڊيم سان ويجهي علائقي ۾ تفريحي سرگرمين جا بي پناهه موقعا موجود آهن. واٽر اسپورٽس ۽ ٻي تفريحي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ سان علائقي ۾ ڊولپمينٽ ٿيندي ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا. سي ڊي اي جي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.










