پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مقصدن جي بنياد تي اسلامي دنيا سان تعميري رابطن جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مقصدن جي بنياد تي اسلامي دنيا سان تعميري رابطن جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس جي آخري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر …

اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مقصدن جي بنياد تي اسلامي دنيا سان تعميري رابطن جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇهين عالمي پيغام اسلام ڪانفرنس جي آخري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سعودي عرب ۽ فلسطين سميت اسلامي ملڪن جي سفيرن، مفتي اعظم فلسطين محمد احمد حسين ۽ عالمن شرڪت ڪئي. صدر پاڪستان سميت سڄي دنيا مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ عالمن خاص طور تي فلسطين جي مفتي اعظم ۽ قاضي القضا ۽ سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزير جي صلاحڪار جي آجيان ڪندي ڪانفرنس جي منتظمين کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن اسلامي دنيا جي مختلف حصن مان عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان جو خطو ۽ دنيا ڪيترن ئي چئلينجز ۾ ورتل آهي، اهڙي نوعيت جي تقريبن جو انعقاد ضروري آهي. صدر اولهه ايشيا جي تازي بحران جو ذڪر ڪندي چيو ته جاري ڇڪتاڻ ۽ تڪرار رڳو سرحدن تائين محدود ناهن رهندا پر اهي اسلامي دنيا ۾ استحڪام، معاشي حالتن ۽ مجموعي تحفظ جي احساس کي متاثر ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته انتهاپسندي، تشدد ۽ ورڇ اسان جي معاشرن تي گهرا اثر وڌا آهن، جڏهن ته اسان جي پنهنجي معاشرن ۾ به ڪجهه عنصر تشدد ۽ فرقيواريت جي ذريعي انهن غلط تصورن کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿا. هن چيو ته اسلام توازن، اعتدال ۽ انسانيت جو دين آهي، انساني جان جو احترام ان جي تعليم جو بنيادي جز آهي، قرآن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هڪ جان بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ جي برابر آهي، اسلام اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته انسانن کي مختلف ٺاهيو ويو ته جيئن اهي هڪ ٻئي کي سڃاڻين نه ڪي برتري جي بنياد تي ورهائجي وڃن. صدر چيو ته اسلام تڪرار جي حالتن ۾ به ضبط ۽ تحمل جي تلقين ڪئي آهي ۽ جتي ممڪن هجي امن جي راهه اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي توهان جو ڪردار انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو، توهان جي ذميواري رڳو مسئلن جي نشاندهي تائين محدود نه آهي پر فڪري رهنمائي ۽ عملي رخ فراهم ڪرڻ به آهي. صدر چيو ته اسان کي هڪ واضح ۽ قابل عمل رستو پيش ڪرڻو پوندو جيڪو اسلام کي امن ۽ گڏيل بقاءَ جي دين جي طور تي پيش ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان مشڪل تجربن مان سکيو آهي، اسان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جا نتيجا ڀوڳيا آهن، انهن تجربن اسان کي هڪ واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به شڪل ۽ ڪنهن به جواز تحت تشدد کي وڌڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ، عدم برداشت جي حوصلا شڪني ڪرڻ ۽ انهن رشتن کي مضبوط بڻائڻو پوندو جيڪي اسان کي ڳنڍين ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ گڏيل مقصدن جي بنياد تي اسلامي دنيا سان تعميري رابطن جي لاءِ پرعزم آهي، ان سان گڏوگڏ اسان پنهنجي ويجهي خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان پڻ آگاهه آهيون. صدر معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جو ذڪر ڪندي چيو ته اها اسان کي اصولن تي ثابت قدم رهڻ سان گڏوگڏ ضبط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي اهميت جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف سدائين واضح رهيو آهي، اسان امن چاهيون ٿا پر اهڙو امن جيڪو انصاف ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هجي. صدر چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين بنيادي مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير کي سنجيدگي ۽ سچي نيت سان حل نه ٿو ڪيو وڃي. صدر فلسطيني عوام جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. صدر چيو ته پنهنجي اولهندي پاڙيسري افغانستان جي صورتحال پڻ اسان جي خاص ڌيان جو مرڪز آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين استحڪام، انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد ۽ تعميري رابطن جي حمايت ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ اسان پنهنجي سلامتي جي تحفظ ۽ پنهنجي عوام جي حفاظت جي لاءِ ضروري قدم پڻ کنيا آهن. صدر چيو ته اهو ضروري آهي ته افغانستان عالمي معاهدن بشمول دوحه م طئي ٿيندڙ معاهدن تحت ڪيل واعدن تي مڪمل طور تي عمل ڪري. هن چيو ته افغان سرزمين کي پاڪستان يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. صدر آصف علي زرداري خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته انهن هن ڪانفرنس جي انعقاد کي ممڪن بڻايو، جڏهن ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف، حافظ طاهر محمود اشرفي، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ فلسطين جي مفتي اعظم محمد احمد حسين پڻ خطاب ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسلامي ملڪن سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. هن مسلمان ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ امت ۾ فڪري اتحاد جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير معاشري جي رهنمائي ۽ سڄي دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير جي قيادت کي قومي سلامتي جي فروغ لاءِ اڻٿڪ ڪردار تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ مضبوط اسٽريٽجڪ طاقت ٺاهڻ ۾ اڳوڻي اڳواڻن جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو ته ايوان صدر ۾ منعقد هن ڪانفرنس اسلام کي امن، محبت، برداشت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي دين جي طور تي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ملڪ جي اسٽريٽجڪ طاقت شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙن اڳواڻن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جڏهن ته هن ملڪ جي موجوده قيادت کي قومي مفادن جي تحفظ تي ساراهيو. فلسطين جي مفتي اعظم محمد احمد حسين ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين مسئلو مسلمان امت جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون مسلمان ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي مضبوط بڻائيندو. هن فلسطيني ڪاز جي حمايت ۾ سعودي قيادت جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ هڪ پرامن مستقبل جي لاءِ اميد جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته هڪ ڏينهن اهڙي ڪانفرنس مسجد اقصى ۾ منعقد ٿي سگهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي چيو ته فلسطين مسئلو اسلامي دنيا جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. هن مشڪل حالتن ۾ اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. هن دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ فلسطيني عوام جي خواهشن موجب ان مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ سعودي عرب جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب جي آخر ۾ سعودي عرب جي سفير، پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزير جي صلاحڪار صدر کي يادگاري تحفا پيش ڪيا. فلسطين جي مفتي اعظم، قاضي القضا ۽ فلسطيني سفير پڻ صدر کي يادگاري تحفا پيش ڪيا.