وچ اوڀر جي تڪرار جو حل دنيا جي مفاد ۾ آهي، معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر جي تڪرار جو حل پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، بحران کان پهرين مرحلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان معيشت جي جي حوالي سان بهتر حڪمت عملي جوڙي هئي، معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوند. ٻن سالن ۾ 2 …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته وچ اوڀر جي تڪرار جو حل پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، بحران کان پهرين مرحلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان معيشت جي جي حوالي سان بهتر حڪمت عملي جوڙي هئي، معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوند. ٻن سالن ۾ 2 لک 20 هزار کان وڌيڪ سيڙپڪار ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ شامل ٿيا. ڪالهه هتي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) جي انٽظام هيٺ ڪيپيٽيل مارڪيٽ ڊولپمينٽ فنڊ تي صحيحن جي تقريبن کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي قيادت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان ڪوشش جا سٺا نتيجا به سامهون اچي رهيا آهن. اسان سڀ ان بحران جي جلد کان جلد حل لاءِ دعاڳو آهيون، ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر بحران جي پهرين مرحلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان معيشت جي حوالي سان بهتر حڪمت جوڙي، ان دوران اسان جو ڌيان ڪرنٽ اڪائونٽ، ادائگين جي توازن ۽ مالياتي نظام تي هو، بحران جي ٻئي ۽ ٽئين مرحلي جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو ورتو پيو وڃي جڏهن ته ان جو ڀاڙڻ بحران جي مدت ۽ شدت تي هوندو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ان بحران دوران ئي پاڪستان چئن سالن جي وقفي کان پوءِ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپسي ڪئي، ان سان معيشت تي اسان جي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته متحرڪ ۽ فعال ڪيپيٽل مارڪيٽس ترقي ۽ اؤسر جي انجڻ هوندا آهن. وچ اوڀر جي تازي بحران مان اهو سبق سکيو آهي ته هر ملڪ وٽ ڪمرشل ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرا هئڻ ضروري آهن. سولر، هوا ۽ متبادل ذريعن مان توانائيءَ کي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، حڪومت متبادل توانائيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مالي وسيلن جي فراهميءَ لاءِ سمورين ڪوششن کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته بحران جو ٽيون وڏو سبق پاڻڀرو ٿيڻ آهي، 2022ع ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان عالمي برادريءَ کان مدد جي اپيل ڪئي هئي. جنيوا ڪانفرنس دوران ڪيترن ئي ملڪن ۽ ادارن پاڪستان لاءِ مالي سهڪار جا واعدا ڪيا جنهن مان ڪجهه واعدن تي عمل ٿيو جڏهن ته باقي تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿيو، ان جي ابتڙ جڏهن 2025ع ۾ ٻوڏ آئي ته ان سان تقريبن پورو پاڪستان متاثر ٿيو ۽ ان جي شدت به وڌيڪ هئي، جڏهن ته مالي وسيلن ۽ سگهه سبب پاڪستان ريسڪيو، رليف ۽ نئين سر تعمير لاءِ عالمي برادريءَ کان مدد نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ڪلي معيشت جو استحڪام بنيادي شيءِ آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ مالي گنجائش پيدا ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ماحوليات اهم معاملو آهي، ماحولياتي ۽ موسمياتي ماليات لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ نجي شعبي جو ڪردار به اهم آهي. حڪومت بانڊز ۽ سڪوڪ ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته ترقيءَ جو انجڻ هئڻ جي ناتي نجي شعبي کي اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان کي مالياتي لاءِ ذريعن کي جدت واري بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مالي استحڪام تي اسان جو ڌيان آهي. پاڪستان عالمي ادارن جي سهڪار سان مالي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ 2 لک 20 هزار کان وڌيڪ سيڙپڪار ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ شامل ٿيا، ان ۾ ڊجيٽل پهچ رکندڙ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هو. مارڪيٽ ۾ لاهن چاڙهن باوجود صرف اپريل جي مهيني ۾ 24 هزار نوان سيڙپڪار مارڪيٽ ۾ داخل ٿيا، ان سان واضح ٿي رهيو آهي ته ايڪويٽي جي محاذ تي اسان جو رُخ صحيح آهي، نوجوانن ۾ مالياتي خواندگي وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ريگيوليٽري ماحول کي بهتر بنائڻ ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو ڪرار اهميت رکندڙ آهي، اسان کي مارڪيٽ جي بنياد کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ريگيوليٽري ماحول کي جيترو سادو ۽ آسان رکيو وڃي ان سان بهتر ايندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي حوالي سان ناڻي وزارت ۽ قانون واري وزارت گڏجي هر قسم جو سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ناڻي واري وزير چيو ته معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. حڪومت پاليسي سازي ۽ ايڪو سسٽم جي فراهمي تي ڌيان ڏيندي. ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن تحت 28 ادارن جي نجڪاري جو عمل جاري آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي چڪي، ان نجڪاريءَ دوران اسان کي 1.2 ارب ڊالرن جا مقامي واڪ وصول ٿيا هئا، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي سگهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊسڪوز جي مرحليوار نجڪاري به جاري آهي، اهي اهڙيون اڳڀرائيون آهن جن ۾ ايس اي سي پي جو اثرائتو ڪردار وڌيڪ اجاگر ٿئي ٿو.