عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جا سودا 3.61 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 98.66 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 3.53 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 106.3 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. دبئي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.16 ڊالر جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 104.54 …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊئيٽ جا سودا 3.61 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 98.66 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 3.53 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 106.3 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. دبئي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 1.16 ڊالر جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 104.54 ڊالر، روسي يورال بينچ مارڪ جي مستقبل جا سودا 1.47 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 110.58 ڊالرن ۾ طئي ٿيا. انڊين باسڪٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 6.23 ڊالرن جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 112.47 ڊالر ۽ ڪويت ايڪسپورٽ بلينڊ جا سودا 3.95 ڊالرن جي واڌ سان 123.38 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا.

مزید خبریں