سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11100 رپين جي واڌ رڪارڊ، في تولو سون 4 لک 88 هزار 962 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 88962 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 11100 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 88962 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9517 رپين …

اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 11100 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 88962 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڪالهه سون جي في تولي جي قيمت ۾ 11100 رپين جي واڌ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 88962 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9517 رپين جي واڌ کان پوءِ 4 لک 9689 رپين مان وڌي 4 لک 19206 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 375561 رپين مان وڌي 384286 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافي جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 223 رپين جي واڌ کان پوءِ 8072 رپيا جڏهن ته 10 گرام چانديءَ جي قيمت 191 رپين جي واڌ کان پوءِ 6920 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4555 ڊالرن مان وڌي 4666 ڊالر ٿي ويو.

مزید خبریں