اي اين ايف جون ڪارروائيون، 25 لک روپين جي 34.4 ڪلوگرام منشيات هٿ، 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪندي 25 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 34.4 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان مطابق ڪارروائين دوران ڪوئيٽا اسپني روڊ تي واقع ڪوريئر آفيس ۾ گوجرانواله موڪلي ويندڙ پارسلز مان گرين ٽي جي پيڪيٽس ۾ لڪايل 17.60 …

اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪندي 25 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 34.4 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان مطابق ڪارروائين دوران ڪوئيٽا اسپني روڊ تي واقع ڪوريئر آفيس ۾ گوجرانواله موڪلي ويندڙ پارسلز مان گرين ٽي جي پيڪيٽس ۾ لڪايل 17.60 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. هزار خواني چوڪ پشاور ويجهو گاڏي مان 14.400 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. دينه نوڪدار چوڪ ويجهو گاڏي مان 2.400 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن خلاف منشيات روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.