نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريا جي يورپي ۽ عالمي معاملن واري وزير مينئل ريزينگر پاران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريا جي يورپي ۽ عالمي معاملن واري وزير مينئل ريزينگر پاڪستان ۽ آسٽريا جي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي لاڳاپن، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، …

نيويارڪ- 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آسٽريا جي يورپي ۽ عالمي معاملن واري وزير مينئل ريزينگر پاڪستان ۽ آسٽريا جي گڏيل لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي لاڳاپن، تعليم ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي آسٽريا جي يورپي ۽ عالمي معاملن جي وزير مينئل ريزينگر سان ملاقات ڪئي. انهن علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون جي اصولن مُوجب ڳالهين، سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڀني ڌرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي مڪمل عمل درآمد جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.